اليڪشن ڪميشن عوامي نيشنل پارٽي کي لالٽين جو نشان الاٽ ڪري ڇڏيو

جنوري 13, 2024

اليڪشن ڪميشن عوامي نيشنل پارٽي کي لالٽين جو نشان الاٽ ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، 10 مئي تائين انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

انٽراپارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي اي اين پي تي 20 هزار روپين جو ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو آهي

اليڪشن ڪميشن 6 مهينن جي مهلت بابت ميان افتخار جي درخواست تي 21 ڊسمبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو

اي اين پي جي وڪيل جو موقف هو ته عام چونڊون ٿي رهيون آهن، انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائينداسين ته معاملا مونجهاري جو شڪار ٿي ويندا

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اي اين پي جي 5 سالن جو مدو اڃا مڪمل نه ٿيو آهي

Leave A Comment