| اليڪشن ڪميشن وفاقي آئيني عدالت جي حڪم تي ڪوئيٽا ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن وفاقي آئيني عدالت جي حڪم تي ڪوئيٽا جي بلدياتي چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون تفصيل موجب وفاقي آئيني عدالت 28 ڊسمبر تي رٿيل مڪاني چونڊن بابت اسٽي آرڊر جاري ڪري چونڊون ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد اليڪشن ڪميشن ڪوئيٽا ۾ بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪوئيٽا ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ پولنگ آچر جي ڏينهن ٿيڻ واري هئي۔ وفاقي آئيني عدالت جي اسٽي آرڊر جاري ٿيڻ سبب اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن.ٻئي طرف نيشنل پارٽي ڪوئيٽا ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ ان جون اتحادي جماعتون عوامي فيصلي کان ڊنل آهن