اليڪشن ڪميشن پاران رجسٽرڊ 166 سياسي جماعتن جي نئين لسٽ جاري ڪري ڇڏي
آگسٽ 21, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پاران رجسٽرڊ 166 سياسي جماعتن جي نئين لسٽ جاري ڪري ڇڏي، اپڊيٽ ڪيل لسٽ ۾ پي ٽي آءِ جي نئين چيئرمين بئرسٽر گوهر جو نالو شامل نه ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي انٽراپارٽي چونڊ جو ڪيس هلندڙ آهي، چيئرمين جو خانو خالي رکيو ويو، نئين لسٽ ۾ نوازليگ جي صدارتي چونڊن ۽ جماعت اسلامي جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي درست تسليم ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن ميان نواز شريف جو نوازليگ جي صدر طور نالو اپڊيٽ ڪري ڇڏيو، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو پارٽي سربراهه طور ۽ محمود خان جو نالو پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز جي سربراهه طور لکيو ويو، لسٽ ۾ صدر آصف علي زرداري جو نالو چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين ۽ بلاول جو نالو پاڪستان پيپلزپارٽي جي سربراهه طور موجود آهي، اليڪشن ڪميشن جي اپڊيٽ ڪيل لسٽ ۾ پاڪ سرزمين پارٽي جو نالو اڃا تائين موجود آهي. اسفند يار ولي خان جو نالو هن وقت تائين صدر عوامي نيسنل پارٽي طور موجود آهي.