| اليڪشن ڪميشن پاران شهباز دراني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آغا شهباز دراني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏي. آغا شهباز علي دراني پي ايس 9 شڪارپور مان ضمني چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو آهي. هي سيٽ آغا سراج دراني جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. آغا شهباز دراني اڳوڻي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي مرحوم آغا سراج دراني جو فرزند آهي.