اليڪشن ڪميشن پاران عمران خان جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو فيصلو

آڪٽوبر 11, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن توھين اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس ۾ چيئرمين تحريڪ انصاف کي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن چيو آھي ته پروڊڪشن لاءِ سپريٽينڊنٽ جيل کي لکنداسين، جڏھن ته آءِ جي پنجاب کي سيڪيورٽي فراھم ڪرڻ لاءِ به خط لکيو ويندو

 تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي خلاف توھين الڪيشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ميمبر نثار دراني جي سربراھي ۾ چار ڪني بئنچ ڪئي

عمران خان جي وڪيل شعيب شاھين پيش ٿي دليل ڏنا ته چيئرمين تحريڪ انصاف جيل ۾ آھي، ان جا پروڊيڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن، ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته اوھان ته شوڪاز  جو جواب ڏيڻ نٿا چاھيو، دير جا حربا استعمال پيا ڪريو، ھن ڪيس کي ٻه سال ٿي ويا آھن ڇا اوھان چاھيو ٿا ته اليڪشن ڪميشن آرڊر ۾ لکي ته اوھان شوڪاز نوٽيس جو جواب  ڏيندا

شعيب شاھين چيو ته اسان جواب جمع ڪرايون ٿا، ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته اسان 24 آڪٽوبر لاءِ چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جو پروڊڪشن آرڊر جاري ڪريون ٿا، اوھان دليل ڏيڻ جو پورو موقعو ڏنو ويندو ته اوھان پنھنجا اعتراض جمع ڪرايو

 ميمبر نثار دراني چيو ته پروڊڪشن جي لاءِ جيل سپريٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي لکو، جڏھن ته سيڪيورٽي جي لاءِ آءِ جي پنجاب کي به لکيو وڃي، ميمبر ڪميشن چيو ته پھريان ته چيئرمين تحريڪ انصاف ايندا نه ھئا

 شعيب شاھين چيو ته اسان چئون ٿا ته عمران خان کي جيل مان ته ٻاھر ڪڍو، انتظاميا ھميشه چئي ڇڏي ٿي ته سيڪيورٽيءَ جو مسئلو آھي پيش نٿا ڪري سگھون، اسان کي ته جيل ۾ به عمران خان سان ملڻ ناھي ڏنو ويندو

ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته اسان چارئي ميمبر پوءِ جيل ھليا وڃون؟ اليڪشن ڪميشن پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جا حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ٻئي طرف فواد چوڌري جو معاون وڪيل اليڪشن ڪميشن  ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته فواد چوڌري بيمار آھي ان ڪري ناھي آيو، ميمبر ڪميشن چيو ته اوھان جو رويو آھي ته ھتي پيش ناھيو ٿيندا، جنھن تي اسان آرڊر ڪندا  آھيون

 اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي چيو ته رڳو اڪيلو آئون ئي پيش ٿيندو آهيان، 22 آڪٽوبر کان 5 نومبر تائين جي تاريخ نه رکي وڃي، تيستائين فواد چوڌري جي به طبيعت بھتر ٿي ويندي

 ميمبر الڪيشن ڪميشن چيو ته 24 آڪٽوبر تي ئي تاريخ رکون ٿا ان کان پوءِ اسان جي تڪبندين جي حوالي سان ٻڌڻي شروع ٿي ويندي، ان بھاني ان سان ملاقات به ٿي ويندي

 اسد عمر ۽ فواد چوڌري ڪيس جي ٻڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي

Leave A Comment