اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ملڪ جي 42 ڪينٽونمينٽ بورڊن ۾ وارڊن جي تڪ بندي جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. شيڊول مطابق وارڊن جي تڪ بندي جي حتمي فهرست 20 اپريل تي شايع ڪئي ويندي. شيدول مطابق وارڊن جي تڪ بندي لاءِ انتظام 19 جنوري کان 2 فيبروري تائين مڪمل ڪيا ويندا. تڪ بندي ڪميٽين پاران وارڊز جي ابتدائي فهرست 3 فيبروري کان 4 مارچ تائين جوڙي ويندي. جيڪا 5 مارچ تي شايع ڪئي ويندي. تڪ بندي اٿارٽين اڳيان اعتراض 6 مارچ کان 25 مارچ تائين جمع ڪرايا ويندا، اعتراض 8 اپريل تائين اُڪلايا ويندا. وارڊن جي تڪ بندي جي حتمي فهرست 20 اپريل تي شايع ڪئي ويندي.
عضوا عطيو ڪندڙ 200 سعودي شهرين لاءِ انعام جو اعلان
جده (م ڊ) سعودي عرب 200 عضوا عطيو ڪندڙن لاءِ شاهي انعامن جو اعلان ڪيو آهي. سرڪاري سعودي پريس ايجنسي مطابق شاهه سلمان بن عبدالعزيز 200 شهرين کي ڪنگ عبدالعزيز ميڊل (ٽيون ڪلاس) ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي جن عضوا عطيو ڪيا آهن. سعودي ميڊيا موجب عضوا عطيو ڪندڙن لاءِ انعامن جو اعلان انسانيت جي جذبي جي تعريف ڪرڻ ۽ ٻين شهرين کي عضوا عطيو ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.