اليڪشن ڪميشن پاران وفاقي سطح تي بدلين ۽ مقررين تي پابندي

آگسٽ 11, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چونڊن تائين وفاقي سطح تي هر قسم جي بدلي ۽ مقرري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي

 اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽريءَ کي اُماڻيل خط ۾ اي سي چيو آهي ته ڄاڻ ملي آهي ته وڏي پئماني تي وزارتن ۽ ڊويزنز ۾ بدلين مقررين جي رٿابندي ڪئي وئي آهي

جلد نگران ڪابينا جي جوڙجڪ ٿي ويندي، اُن کان پوءِ نگران حڪومت قانون ۽ پاليسي موجب بدليون مقرريون ڪري سگهندي، نگران سيٽ اپ اچڻ تائين هر قسم جي بدلي ۽ مقرري روڪي وڃي

Leave A Comment