اليڪشن ڪميشن پاران سياسي پارٽين سان مشاورت، نواز ليگ وفد پهتو

آگسٽ 25, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن جي حوالي سان سياسي پارٽين سان مشاورت جاري، نواز ليگ وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي

نواز ليگ جي وفد ۾ احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، راڻا ثناءُ الله، عطاءَ تارڙ ۽ زاهد حامد شامل هئا، ملاقات ۾ چونڊن جي تاريخ، تڪبندين ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي دعوت تي ملاقات ڪري چونڊن جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين موجب چونڊون ڪرائڻ جي پابند آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان پنهنجي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي

احسن اقبال چيو ته اليڪشن ڪميشن خاطري ڪرائي ته سياسي جماعتن سان ضابطه اخلاق شيئر ڪيو ويندو، 2018 وارين شڪايت جي ازالي لاءِ اليڪشن ڪميشن اثرائتا قدم کڻندي

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته عورتن جون مخصوص سيٽس وڌائڻ بابت اليڪشن ڪميشن کي چيو آهي، ايندڙ عام چونڊون آئين ۽ قانون موجب اليڪشن ڪميشن ڪرائيندي، اعظم نذير تارڙ چيو ته تڪ بنديون 14 ڊسمبر کان اڳ مڪمل ڪرڻ ممڪن آهي

Leave A Comment