| اليڪشن ڪميشن پاران گوهر کي پي ٽي آءِ چيئرمين مڃڻ کان انڪار |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن بيرسٽر گوهر کي چيئرمين تحريڪ انصاف طور تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن بيرسٽر گوهر جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو. جواب ۾ اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته توهان 13 نومبر تي درخواست ڏني هئي ته آزاد سينيٽرز جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت کي تسليم ڪيو وڃي۔ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشنز جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ پي ٽي آءِ هن وقت لاهور هاءِ ڪورٽ کان اسٽي آرڊر ورتل آهي۔ اليڪشن ڪميشن مطابق توهان کي پي ٽي آءِ جي چيئرمين طور تسليم نٿو ڪري سگهجي ۽ توهان وٽ ڪو به قانوني حق به حاصل ناهي.