اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪم پورو ڪري چڪو، جنوري ۾ چونڊن ٿيڻ بابت گهڻو مطمئن آهيان: نگران وزيراعظم

آڪٽوبر 12, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جنوري ۾ چونڊن جي حوالي سان گهڻو مطمئن آهيان، اليڪشن ڪميشن به گهڻي حد تائين پنهنجو ڪم پورو ڪري چڪي آهي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو  ته چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڪيترا پئسا گهرجن، اُن بابت پڻ تياري مڪمل آهي، مالي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جون ناڻي جي وزارت سان ڳالهيون هلندڙ آهن

سندس چوڻ هو ته آئين سان اختلاف نه آهي، پر آئين جي تاريخ تي دُنيا ۾ عملي بحث ٿي رهيو آهي

 نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ اسان سيڪيورٽي ۽ گورننس جي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهيون، گورننس جي ڳالهه ڪريون ته صوبو چوي ٿو وسيلا محدود آهن، وسيلا گهٽ هجڻ هڪ پاسو آهي

هن وڌيڪ چيو ته پر وسيلن جي مالي بدانتظامي وڏو مسئلو آهي، وسيلن جي چوري سان گڏ مالي بدانتظامي به آهي، انهن ٻنهي معاملن تي ڌيان هوندو ته گورننس جو مسئلو حل ٿي ويندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول