اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ دير نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي: پيپلزپارٽي اڳواڻ

ڊسمبر 11, 2023

پيپلز پارٽي اڳواڻن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ دير نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، پيپلزپارٽي ڪنهن به صورت ۾ اليڪشن ۾ دير نه ٿي چاهي

پيپلزپارٽي جي اڳواڻن تاج حيدر، فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ سعيد غني چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهايو

اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ آءِ جي سنڌ کان ويندي تپيدار تائين بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، ائين ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ نه ٿيو آهي

پيپلز پارٽي اڳواڻن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو آهي

Leave A Comment