| اليڪشن ڪميشن ۾ طلبي: سهيل آفريدي نوٽيس چئلينج ڪري ڇڏيا |
پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي اليڪشن ڪميشن طرفان پنهنجي طلبي خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. وڏي وزير ايڊووڪيٽ بشير خان جي مدد سان داخل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان طلبي جو نوٽيس غيرقانوني قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي اهو به مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن کي وڏي وزير جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان روڪيو وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مختلف الزام لڳائي بنا ڪنهن سبب ۽ جواز جي وڏي وزير کي اليڪشن ڪميشن طلب ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جو وڏي وزير کي طلب ڪرڻ غيرقانوني آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو اهو قدم آرٽيڪل 9، 10 اي، 18 ۽ 25 جي ڀڃڪڙي آهي. درخواستگذار موجب وڏي وزير نه ڪنهن جي لاءِ مهم هلائي نه ئي اليڪشن ڪميشن جي ڪا ڀڃڪڙي ڪئي آهي.