آڊيوڪميشن ڪالعدم قرار ناهي ڏنو، ڳجهين ملاقاتن سان معاملا حل نٿا ٿي سگهن: چيف جسٽس

مَي 29, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا آهن ته اهو ذهن ۾ رکو ته عدالت آڊيو ليڪس ڪميشن کي ڪالعدم قرار ناهي ڏنو، اوهان آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس ۾ اسان جو حڪمنامو پڙهيو هوندو

سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي پنجاب ۾ 14مئي تي چونڊن واري حڪم خلاف نظرثاني درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪندڙ 3 رڪني بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر به شامل آهن

اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ روسٽرم تي اچي چيو ته سپريم ڪورٽ جا نظرثاني قانون منظور ٿي چڪا آهن جيڪي جمعي کان لاڳو به ٿي چڪا آهن

جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته هن ئي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجيل سواتي جي چهري تي مرڪ آئي آهي

اٽارني جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ جو اصل دائري اختيار 184 ٿري جي ڪيسز ۾ نظرثاني جو قانون ٺاهيو ويو آهي سپريم ڪورٽ جي نظرثاني اختيار کي وسيع ڪيو ويو آهي

چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته خوشي آهي ته جيڪو قانون آهي ان کي آرٽيڪل 184 ٿري ۾ نظرثاني تائين محدود ڪيو ويو آهي آرٽيڪل 184 ٿري جي دائري اختيار ڪيسز ۾ نظرثاني ٿيڻ گهرجي

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڪنهن شيءِ تي جاچ ڪرائڻي آهي ته باقاعده طريقيڪار سان اچو آئون پاڻ تي مشتمل ڪميشن نه جوڙيندس پر ڪنهن ٻئي جج کان جاچ ڪرائي سگهجي ٿي، سموريون ڪميشنز چيف جسٽس جي مرضي سان جوڙيو وينديون آهن عدليه کي عدالت جي آزادي جو تحفظ ڪرڻو آهي

چيف جسٽس بنديال رمارڪس ڏنا ته

ڳجهين ملاقاتن سان معاملا حل نه ٿا ٿي سگهن هي سياسي پارو معيشت ۽ امن امان کي بهتر نه ڪندو، اٽارني جنرل کي هدايت ڪندي چيف جسٽس چيو ته خميس تي آڊيو ليڪس ڪميشن وارو ڪيس مقرر آهي اوهان ان جي باري ۾ به حڪومت کان هدايتون وٺو

چيف جسٽس چيو ته جج جي جانبداري جو به معاملو اٿاريو ويو آهي چيف جسٽس پاڪستان وٽ جڊيشل ڪميشن لاءِ ججز نامزدگي جو اختيار آهي سمجهه ۾ نه ٿو اچي حڪومت چيف جسٽس جي اختيار واري اصول کي ڇو ٽوڙيو؟

چيف جسٽس چيو ته اٿارٽي چيف جسٽس وٽ آهي اهو تاريخي ايڪسيڊنٽ آهي ته چيف جسٽس صرف هڪ ئي هوندو آهي، اسان ميموگيٽ، ايبٽ آباد ڪميشن ۽ شهزاد سليم قتل ڪميشنز جا نوٽيفڪيشن ڏيکاريا

عدالت ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment