اليڪشن: پاڪستان ۾ حالتون خراب ٿين پيون: آمريڪي ڪانگريس ميمبر
فيبروري 5, 2024
واشنگٽن (پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪي سياستدان الهان عمر پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حق ۾ آواز اٿاريندي پاڪستان ۾ عام چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿاري ڇڏيا.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ الهان عمر چيو ته مون ۽ منهنجي ساٿين گذريل نومبر ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، حالتون وڌيڪ خراب ٿيون آهن
هن پاڪستان تحريڪ انصاف جو نالو کڻڻ بنا پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته جڏهن اپوزيشن جي هڪ جماعت کي ڏوهي قرار ڏنو ويو هجي ته آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن
واضح رهي ته الهان عمر گذريل سال اسلام آباد جي دوري تي آئي هئي، جيڪو نئين حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ڪنهن به آمريڪي قانون ساز جو پهريون پاڪستاني دورو هو پر ان دوران هن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان به ملاقات ڪئي، جنهن تي ڪيترائي سوال اٿيا هئا
اها ملاقات ان ڪري به تڪرار ٿيو، ڇو ته عمران خان پنهنجي برطرفي جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏنو هو، اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري ان ملاقات بابت ٻڌايو هو ته آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر بني گالا ۾ عمران خان سان ملاقات ۾ اسلامو فوبيا ۽ لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي