اليڪشن 2024 لاءِ اميدوارن جي جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جاري

ڊسمبر 28, 2023

اليڪشن 2024 لاءِ اميدوارن جي جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جاري، سکر جي صوبائي تڪ پي ايس 25 تي اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه جا نامزدگي فارم بحال، عورتن جي مخصوص سيٽ تي نامزد نون ليگ جي اميدوار مختيار ناز ڌاريجو عرف وڏيري نازو جا اليڪشن ڪميشن پاران نامزدگي فارم منظور، ڪنڌڪوٽ جي قومي تڪ اين اي 191 تي اڳوڻي وفاقي وزير احسان مزاري جا نامزدگي فارم بحال، ساڳئي تڪ تي اڳوڻي ايم اين اي نصر الله خان بجاراڻي جي پٽ ۽ جي يو آءِ اڳواڻ شاهزين بجاراڻي جا نامزدگي فارم منظور، ٺٽي جي قومي تڪ اين اي 225 تي پيپلزپارٽي جي ناراض اڳواڻ رسول بخش جاکرو جا نامزدگي فارم بحال، ميرپور ساڪرو جي صوبائي تڪ پي ايس 76 تي جي يو آءِ اڳواڻ حافظ سعيد جا نامزدگي فارم منظور، مٽياري جي صوبائي تڪ پي ايس 57 تي نوازليگ جي صالح جکريجو، آبادگار اڳواڻ نويد سمون ۽ سعيد جگدال جا نامزدگي فارم بحال، مٽياري جي قومي تڪ اين اي 216 تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ مخدوم احمد زمان، علي مرتضيٰ شاهه، علي حڪيم ۽ نازش ڀٽي جا نامزدگي فارم بحال

Leave A Comment