ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) اليڪشن 2024 لاءِ پولنگ جو وقت مڪمل ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾بيلٽ پيپر ڦرڻ جا واقعا پڻ سامهون آيا، جهيڙن ۾ 22 ماڻهو زخمي ٿي پيا
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پولنگ دير سان شروع ٿيڻ باوجود پولنگ جي وقت ۾ واڌ نه ڪئي وئي، ملير سميت ڪراچي جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ دير سان شروع ٿي، مختلف پولنگس تي سامان ۽ عملو دير سان پهچڻ ۽ ٻين بدانتظامين جون دانهون پڻ سامهون آيون
سکر، تنگواڻي، پنگريو ۽ ٻين شهرن ۾ به پولنگ دير سان شروع ٿي، بدين جي مختلف پولنگ اسٽيشنز تي ساڍي نائين وڳي کانپوءِ پولنگ شروع ڪئي وئي، اڪثر شهرن ۾ منجهند 12 وڳي تائين ووٽن جو ٽرن آئوٽ گهٽ نظر آيو
ٻئي طرف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پولنگ دوران جهيڙن ۽ بيلٽ پيپرز ڦرڻ جا واقعا پيش آيا، پوليس اهلڪار سميت 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا، غوثپور جي پولنگ دڙي سندراڻي ۾ ٻن سياسي ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڏنڊا لڳڻ سبب 10 ڄڻا زخمي ٿيا، پوليس ۽ رينجرز صورتحال تي ضابطو آندو
ملير جي اين اي 229 جي پولنگ اسٽيشن تي ٻن سياسي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جهيڙي ۾ عورتون به زخمي ٿيون
ڪنڊيارو جي پولنگ اسٽيشن تي جهيڙي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿيا، حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ جهيڙي دوران 2 ڄڻا زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا، ميرپور ماٿيلو جي هڪ پولنگ تي جهيڙي ۾ به هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو
خيرپور ميرس ۾ پولنگ اسٽيشن تي پ پ ڪارڪنن پوليس اهلڪار تي تشدد ڪيو، اهلڪار کي مارڪٽ ڪري ڪمري ۾ واڙيو ويو
ملير جي جعفر طيار علائقي جي پولنگ مان اڻڄاتل جوابدار بيلٽ پيپرز ڦري فرار ٿي ويا، دريا خان مري جي پولنگ اسٽيشن طالب مري تي به ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، صورتحال تي ضابطي لاءِ پاڪ فوج جا جوان پهچي ويا
سرهاڙي جي پولنگ اسٽيشن حاجي ميوو زرداري ۾ به ٻن سياسي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فيض گنج جي پولنگ اسٽيشن وزيرآباد تي جهيڙي بعد پولنگ بند ڪئي وئي
حيدرآباد جي لطيف آباد ۾ بيلٽ پيپرز ڦرڻ جو واقعو پيش آيو، اڻڄاتل ماڻهو پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿي بيلٽ پيپرز کڻي ويا، جنهن سبب عملي ۽ اميدوارن جي ايجنٽن احتجاج ڪيو
اين اي 220 سٽي جي پولنگ اسٽيشن تان بيلٽ پيپرز گم ٿي ويا، عملي جي شڪايت تي پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار پهچي ويا
بدين شهر جي پولنگ اسٽيشن نمبر 80 تان صوبائي تڪ جا 3 سئو بيلٽ پيپرز گم ٿي ويا، پ پ اميدوار تاج ملاح ۽ جي ڊي اي اميدوار حسام مرزا پولنگ تي پهتا، ٻنهي ڌرين ۾ منهن ماري ۽ جهيڙي سبب ساڍن ٽن ڪلاڪن تائين پولنگ روڪي وئي