ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت الڪرم ٽيڪسٽائل ملز جي جنرل مينيجر سميت 2 ڄڻن کي قتل ڪندڙ پابندي مڙهيل تنظيم
جي دهشتگرد هاشم عرف قاري کي 3 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي مقتولن جي وارثن کي 20-20 لک ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ،
عدالت جوابدار کي دهشتگردي ۽ ٻين ڏوهن ۾ 18 سال قيد ۽ 2 لک 10 هزار ڏنڊ،غير قانوني هٿيار رکڻ تان 7 سال قيد ۽ 50 هزار ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي،
پراسيڪيوشن موجب 18 فيبروري 2015 تي نارٿ ناظم آباد ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري ڪريم هاشواڻي ۽ محمد نواز کي قتل ڪيو هو.