امارات ايئر جا مسافر 6 ڪروڙ 40 لک چاڪليٽ ڳڙڪائي ويا

امارات ايئر جا مسافر 6 ڪروڙ 40 لک چاڪليٽ ڳڙڪائي ويا

دبئي (انٽريسٽنگ نيوز) امارات ايئر لائن جي مسافرن گذريل سال 64 ملين کان وڌيڪ پريميئم چاڪليٽ کاڌو جيڪو گذريل سال کان 4 ملين وڌيڪ آهي. ايئر لائن مطابق مسافرن لاءِ هر سال لڳ ڀڳ 26 ملين چاڪليٽ ڊيزرٽ تيار ڪيا ويندا آهن، جيڪي اڪانومي، پريميئم اڪانومي، بزنس ۽ فرسٽ ڪلاس مسافرن کي پيش ڪيا ويندا آهن. امارات جو چوڻ آهي ته اهو هر سال دنيا جي چوڌاري پنهنجي پروازن تي معروف سپلائرز کان لڳ ڀڳ 750,000 ڪلوگرام پريميئم چاڪليٽ کڻندو آهي، جڏهن ته 260,000 ڪلوگرام چاڪليٽ مختلف چاڪليٽ ڊيزرٽ تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. مجموعي طور تي چاڪليٽ جي استعمال ۾ سال جي ڀيٽ ۾ تقريبن پنج سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مسافرن ۾ طلب ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، خاص طور تي ڪوڪو تي مشتمل ڊارڪ چاڪليٽ تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. ذائقي جي لحاظ کان لوڻ وارو ڪارمل چاڪليٽ اڃا تائين مسافرن جي سڀ کان وڏي پسند آهي. تنهن هوندي به، چاڪليٽ جو مجموعو مختلف علائقن جي مطابق تبديل ٿئي ٿو.