امارات حوثين کي سعودي تي حملي لاءِ چيو: يمني فوجي آفيسر

امارات حوثين کي سعودي تي حملي لاءِ چيو: يمني فوجي آفيسر

ڪراچي: حوثين سان مقابلو ڪندڙ سعودي حمايت واري يمني فوج جي آفيسر عرب امارات تي سنگين الزام هنيا آهن. هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي يمني فوج جي هڪ اعليٰ عملدار ٻڌايو ته عرب امارات جي حڪومت حوثي قيادت سان رابطو ڪيو ۽ انهه کي سعودي عرب جي شهر نيوم تي ميزائل حملا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. جنهن جي بدلي حوثي حڪومت کي تسليم ڪرڻ، ڀرپور مالي مدد فراهم ڪرڻ ۽ فوجي سهڪار ڪرڻ جي آڇ ڪئي.