| امارات ۾ قتل ٿيل ٻن پاڪستاني لاشن جي واپسي لاءِ رابطو |
اسلام آباد: پاڪستان دبئي ۾ مارجي ويل ٻن پاڪستانين جا لاش واپس آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. وزيراعظم شھبازشريف ٽوئيٽ ۾ چيو تھ پاڪستان دبئي ۾ ميزائل جي ٽڪري ۾ مارجي ويل ٻن پاڪستانين کي واپس آڻڻ لاءِ اماراتي اختيارين سان سهڪار ڪري رهيو آهي. يو اي اي ۾ اسان جا سفارتي مشن دبئي اختيارين سان رابطي ۾ آھن ته جيئن ضروري مدد فراهم ڪري سگهجي ۽ لاشن جي واپسي کي آسان بڻائي سگهجي.