امجد شيخ ڊيل جو شهنشاهه، عرفان سمون مقابلن جو بادشاهه، صحافي پاڻ ۾ اٽڪي پيا

مَي 29, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سمرت جي آزادي لاءِ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا تي ڀرپور آواز اٿاريو ويو اتي سمرت جي آزادي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪيترائي سوال به اٿاريا ويا آهن

سوشل ميڊيا تي ايس ايس پي امجد شيخ، ايس ايس پي عرفان سمون جي ڪردار تي سوال اٿاريندي جاچ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي

سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته امجد شيخ مبينا ڊيل ڪئي ۽ عرفان سمون پنهنجا ماڻهو مارائيندو هو

سمرت ڪمار جي آزادي کانپوءِ جتي ايس ايس پي امجد شيخ جي ساراهه ٿي رهي آهي اتي وري عرفان سمون جي مخالفت به ٿي رهي آهي جيڪا صورتحال پڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي

سوشل ميڊيا تي عام ماڻهن سان گڏ خاص طور صحافين ۾ پوليس جي ڪردار تي بحث شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ جاچ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي

صحافي حبيب جمالي فيس بوڪ تي پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته ٻارڙو ڪنڌڪوٽ ۾ هجي ها ته عرفان سمون کيس بازياب ڪرائي وٺي ها ڇا ٻارڙو شڪارپور مان بازياب ٿيو؟

حبيب لکيو ته بحفاظت واپسي جا به عالمي اصول طئي ٿيل آهن، پوليس کي احتساب کان آجو قرار ڏيڻ سان (اهي ڊيل ٿينديون رهنديون آهن) مستقل طور تي امن ڪڏهن به قائم نه ٿي سگهندو ۽ ٻيو اهو ته سمرت ڪچي مان نه پر پڪي مان بازياب ٿيو آهي

هن لکيو ته آءِ جي سنڌ اڄ لاڙڪاڻي ۾ آهي، ثمرت ڪمار جي بازيابي بابت پاڻ پريس ڪانفرنس ڪري حقيقتون ٻڌائي ۽ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏئي نه ته هي بازيابي ڪنهن اغوا ڪار گروهه جي سرپرست بنگلي جي مهرباني سمجهي ويندي

نصرالله  جمالي صرف تيغو خان تيغاڻي جو نالو رکيو

نثار کوکر لکيو ته سوال نه پڇو توهان جا سوال بيهوده آهن، اهو جواب ڪو پوليس وارو ڏئي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي پر هي صحافي جي ٻولي ۽ منطق آهي

صحافي نعمت کهڙو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ھِي سَڀ ڪُجھه ڪو ڊرامو ناھي، اَڄ جو سَچ اُھو آھي ته ھاڻي جيڪي آفيسر ڪم ڪندا، اُنھن کي ھيئن عزت مِلندي ۽ جيڪي فنڪاريون ۽ اداڪاريون ڪندا، عوام اُنھن کي ڳچين کان پڪڙيندو

هن لکيو ته ھُونئن به ھاڻي اُنھن آفيسرن جو ڪم ڪِرائي جي قاتلن وارو ئي رَھيو آھي ڪُجھه حُڪمرانن جي فرمائش تي ته ڪُجھه وري خانگي ماڻھن کان لَک ۽ ڪروڙ وٺي، تمام جلد خراب پوليس آفيسرن جو حشر تمام خراب ٿيندو

اُن ڪري ضرورت اُن ڳالھه جي آھي ته ڪِرمنلز وارا ڌنڌا، مافيائن جو ساٿ ۽ ڀوتارن جي ڪمداري ڇَڏي شھرين جي جان، مال ۽ عزتن جو تحفظ يقيني بڻايو، ٻي ڪا به ڳالھ نه ٻُڌي ويندي

اهڙي پوسٽ تي عاشق ڳاهو سوال اٿاريو ته مقابلو ڪٿي ٿيو گھڻا ڌاڙيل زخمي ٿيا؟ فيض محمد بجاراڻي کيس جواب ڏيندي لکيو ته جتي ڪو انسان قيد ھجي اتي آمھون سامھون فائرنگ ناھي ٿيندي بازيابي جا ڪيترائي طريقا ٿي سگھن ٿا

صحافي عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڏوهارين ۽ صحافين سان سٺي سنگت همراهه کي هيرو بڻائي ڇڏيو ڇا سچ ۾ امجد شيخ ڪو وڏو ڪارنامو ڪيو آهي، ٻارڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيو، شڪارپور جي ڪچي مان بازياب ٿيو

رات ٿيل ڊرامائي بازيابي کان اڳ نه امجد شيخ ٻار بابت ڪجهه ڳالهايو ۽ نه وري ڪنڌڪوٽ ۾ ڪا ڪارروائي ٿي، شڪاپور جي ڪچي ۾ به ڪارروائي جو ڪو نالو نشان نٿو ملي

لڳي ته ائين ٿو ته ٻار اڳ ئي پوليس وٽ موجود هو، کيس رڳو منظر تي آندو ويو، امجد شيخ ۽ عرفان سمي ۾ رڳو اهو فرق آهي ته عرفان سمون ڏوهارين سان ڊيل ڪرڻ نٿو ڄاڻي ۽ امجد شيخ جا ڏوهارين سان سٺا واسطا آهن

 امجد شيخ جي هن ڪارروائي تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا، ٻار هفتي تائين ڌاڙيلن وٽ رهيو يا وري پوليس وٽ ؟ ٻار کي بازياب ڪرائڻ کان اڳ تيغو تيغاڻي جو ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيڻ به پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال آهي ڪا گرفتاري نه ٿيڻ به هڪ سوال آهي

صحافي تاج رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سمرت ڪمار جي بازيابي تي عرفان سمون جي ونگار وهندي سوال اٿاريندڙ صحافي ڀائر گهوٽڪي جي دوري دوران اهڙا سوال ڪرڻ جي جرئت ڪن ها جنهن تي احمد علي کوسو لکيو ته عرفان سمون صاحب بھترين آفيسر آھي جيڪو ڊيلنگ ناھي ڪندو تڏھن ته ان کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ھلي رھي آھي

صحافي ماڻڪ ڪنگراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪو دوست ٻڌائيندو ته  هن معصوم ٻچڙي کي ايس پي امجد شيخ مقابلو ڪري بازياب ڪرايو آهي يا ڪچي جي ڌاڙيل بادشاهن کي منٿون ۽ انهن جا مطالبا مڃي اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو ويو آهي جيڪڏهن ڏوهارين جو گلو جهلي ٻار بازياب ڪرايو ويو آهي ته  پوءِ  ته پوليس  کي سوين سليوٽ ۽ آنر ملڻ  گهرجي

صحافي شاهد ميراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ مان اغوا وارداتن واري معاملي خلاف اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪري ايس ايس پي امجد شيخ کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي

صحافي نياز پنهور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

ثمرت جي امڙ، ڪنڌڪوٽ واسين ۽ امجد شيخ کي مبارڪون، دردن جي ديس بڻيل ڪنڌڪوٽ جي سڄي شهر ۾ نه ئي سهي پر ڪجھه پاڙن،ڪجھه گهٽين ۽ ڪجھه اڱڻن ۾ ته اڄوڪي رات ڪنهن عيد جي رات کان گهٽ نه هوندي جڏهن شهر واسين معصوم ثمرت کي ايس ايس پي امجد شيخ جي ڪڇ ۾ ڳلي سان لڳل ڏٺو هوندو

پاڻ کان اهي منظر ته يقينن نه وسريا هوندا جڏهن هٿ ٻڌل معصوم ثمرت پنهنجي پويان رکيل ماني کائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ شڪارپور  وارا علائقا ۽  ماڻهو اڄ ڪلھه جنهن عذاب ۾ ورتل آهن، تنهن جو تصور ڪجي ٿو ته لڱ ئي ڪانڊارجي ٿا وڃن  اڄ به اغوا بڻيل الائي ڪيترا ماڻهو انهن جنگلن  ۽ ٻيلن ۾ روز جيئن ۽ روز مرن ٿا، انهن جي مٿان هر لمحي موت جي لڙڪندڙ تلوار انهن ۽ انهن جي مٽن مائٽن جو ساھ سڪائي رکيو آهي

پوليس جي اڄوڪي ڪاميابي تي ايس ايس پي امجد شيخ جي پٺي ضرور ٺپرڻ گهرجي اڄ ثمرت جي آزادي جتي وقتي سرهائي ڏني آهي، اتي اها اميد به جاڳائي آهي ته هڪ ڏينهن اهو ڏرت ۽ ڏهڪاءُ ضرور پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو شرط اهو آهي سڄي سنڌ جي پوليس پنهنجون ذميواريون ائين ئي نڀاهي جيئن اڄوڪا منظر اسان ڏٺا آهن

صحافي منظور چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھاڻي ڪنهن ٻئي ثمرت ڪمار کي اغوا نه ٿيڻ گھرجي. ڪنھن معصوم جي اغوا وڏو درد آهي، پوليس وارن کي اھا ڳالهه سمجهڻ گهرجي

سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ ذوالفقار سولنگي لکيو ته ايس ايس پي امجد شيخ کي جيڪا مڃتا ملي آ، ائين ٻين آفيسرن کي عزت جي طلب نٿي ٿئي ڇا ؟

سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سمرت بازياب ته ٿيو پر سوال اھو آھي ته جن اغوا ڪيو انھن جو ڪو پتو؟ جيڪڏھن انھن جو پتو ناھي ته نينگر پوليس وٽ ڪئين پھتو؟

Leave A Comment