ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي پوليس پاران ناليواري قوال امجد صابري، فوج ۽ رينجرز اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث خطرناڪ دهشتگرد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي
سي ٽي ڊي پوليس موجب پٽيل پاڙه ۾ ڇاپي دوران بندش پيل لشڪر جهنگوي جي دهشتگرد حافظ قاسم رشيد عرف بلال گنجا جي قبضي مان دستي بم به هٿ ڪيو ويو
پوليس موجب جوابدار پنهنجي ساٿين ذريعي ناليواري قوال امجد صابري، رينجرز جي 4 جوانن ۽ 2 فوجي جوانن کي به قتل ڪرايو هو
حافظ قاسم رشيد ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي رضا حيدر جي قتل جي الزام ۾ جيل ۾ هو ۽ تازو جيل مان آزاد ٿيو هو