ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون، ڊي سي لاڙڪاڻو تبديل، ڊائريڪٽر خوراڪ کي عهدي تان هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي
ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي منظوري بعد سنڌ جي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران ڪامورن جي بدلين ۽ مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر جاويد ڪنڀر کي بدلي ڪري کيس ناڻي کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شرجيل نور کي ڊي سي لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو آهي
اهڙي طرح ڊگھي عرصي کان خوراڪ کاتي ۾ ڊائريڪٽر جي سيٽ تي ويٺل 19هين گريڊ جي امداد شاھ کي عهدي تان هٽائي کيس سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن بعد ذوالفقار خشڪ کي ڊائريڪٽر خوراڪ مقرر ڪيو ويو آهي