امن، اسرائيل ۽ او آءِ سي

نومبر 13, 2023

 ممڪن آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا کي اسلامي ملڪن جي تعاون واري تنظيم (OIC) جي نائين غيرمعمولي اجلاس جي ڪا اڻ تڻ هجي پر حقيقت اها آهي ته جنهن وقت دنيا جي 57 ملڪن جا سربراه ۽ نمائندا سعودي عرب جي شهر جده ۾ غزا مٿان ٿيندڙ بمباريءَ تي غم جو اظهار ڪري رهيا هئا، ان وقت به هڪ شهر مٿان اسرائيل جا جنگي جهاز بم وسائي رهيا هئا. اهڙي وحشت واري بمباريءَ جو اهو ڪو پهريون ڏينهن نه هو. هڪ مهينو ۽ هڪ هفتو گذري چڪو هو. سڄا سارا 37 ڏينهن اسرائيل جو بارود وسندو رهيو ۽ فلسطيني عوام جو خون وهندو رهيو. جڏهن ته اجل جي آغوش ۾ ويندڙ هزارن انسانن ۾ اڪثريت ٻارن ۽ عورتن جي آهي. اهو شهر جنهن جي گهرن کي ته مسمار ڪيو ويو. جنهن جي اسڪولن کي ته بارود سان اڏاريو ويو. پر ان شهر جي اسپتالن کي به نه ڇڏيو ويو. حد اها ته انسانن جو آخري ٺڪاڻو يعني قبرستان مٿان به بم وسايا ويا.

                 هڪ طرف ايتري وحشت سان دهشت ڦهلائي پئي وئي ۽ ٻي طرف 57 مسلمان ملڪن جا سربراه ۽ نمائنده پاڻ ۾ سر جوڙي ويٺا به ته هو فقط اسرائيلي حملن جي مذمت ڪرڻ ۽ جنگ روڪڻ جا مطالبا ڪرڻ تائين محدود رهيا. انهن هڪ به اهڙو فيصلو نه ڪيو، جنهن جي جواب ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا ڪو هڪ عدد بيان جاري ڪرڻ جي زحمت به محسوس ڪن. جڏهن ته هن ڀيري انهن ماڻهن مان به ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ جي اميد هئي، جيڪي عام طور تي او آءِ سي جي ڪردار مٿان تنقيد ڪندا رهيا آهن. جن جو خيال آهي ته اها تنظيم نالي ماتر آهي. ان ۾ نه سمجهه آهي ۽ نه سوچ آهي ۽ نه وري احساس آهي. افسوس! ته هن ڀيري به انهن انسانن جو خيال صحيح ثابت ٿيو. جڏهن ته او آءِ سي جي هن دفعي واري اجلاس جي حوالي سان انهن ماڻهن به اميد جي سڪل ٽاريءَ ۾ آس جي رنگين اڳڙي ٻڌي سوچيو ته شل هو غلط ثابت ٿين ۽ او آءِ سي غزا مٿان وسندڙ بارودي برسات ۾ ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڇٽي ئي ثابت ٿئي. پر ڪجهه نه ٿيو.

او آءِ سي جو 48هون اجلاس به اهڙن ٻولن ٻولڻ تائين پنهنجي وت ۽ وس جو اظهار ڪندو رهيو، جيڪو غزا مٿان ٿيندڙ بمباريءَ خلاف پوري دنيا ۾ کاٻي توڙي ساڄي ڌر جون ننڍيون وڏيون پارٽيون احتجاج جي دوران ڪنديون رهيون آهن. هو گهٽ ۾ گهٽ اسرائيل جي مذمت ڪندي ۽ حملا روڪڻ جا مطالبا ورجائيندي اسرائيل جا جهنڊا ته جلائينديون آهن. انهن اجرن هٿن وارن کان ته اهو به نه ٿيو. جڏهن ته عارضي طور تي ئي سهي پر اسرائيل مٿان اسلامي ملڪن جو گهڻو وس هلي ٿي سگهيو. اسرائيل هڪ شهر کي ته شمشان گهاٽ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو پر هو دنيا جي 57 ملڪن جو ڪجهه بگاڙي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن دنيا جا مسلمان ملڪ چاهين ته اسرائيل ستن ڏينهن اندر گوڏن ڀر جهڪي سگهي ٿو. پر او آءِ سي ۾ اڪثريت اهڙن ملڪن جي آهي، جيڪي اسرائيل سان ايتري حد تائين ڦٽائڻ جي حق ۾ ناهن. ڇو ته مسئلو صرف ۽ صرف اسرائيل جو ناهي. اهم سوال آمريڪا سان نينهن وارن ناتن جو آهي. اسرائيل سان الجهڻ جو مطلب آمريڪا سان پنگو وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. ڇو ته هڪ يا ٻه ڀيرا نه پر سوين ڀيرا ۽ بار بار آمريڪا اهو چوندو رهيو آهي ته اسرائيل مٿان حملو آمريڪا مٿان حملو آهي. پر افسوس ته غزا مٿان بمباري مسلمان ملڪن لاءِ اهڙي تشويش جو ڪارڻ ناهي، جيڪا تشويش چپن جي چرپر (Lip Service) کان اڳتي به ڪجهه ڪرڻ جوثبوت فراهم ڪندي آهي. جيڪا صرف زبان مان بيان جاري ڪرڻ بدران ڪنهن زخميءَ جي جسم مان وهندڙ رت کي روڪڻ ۽ ڪنهن ٻار جي لاش کي مٽيءَ جي ڍير مان ڪڍي، ڪفن پهرائڻ جو ڪم به ڪندي آهي.

ڇا محسوس ڪيو هوندو هن ڀيري فلسطين جي ماڻهن؟ خاص طور تي غزا جي عوام جا احساس ڪيتري اذيت مان گذريا هوندا؟ جڏهن انهن ”الجزيره“ تي ڏٺو هوندو ته مسلمان ملڪن جا سربراه ۽ خاص طور تي عرب حڪمران عملي طور تي ڪجهه ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ بدران صرف اسرائيل کان مطالبا ڪري رهيا آهن ته هن کي بمباري بند ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته انهن کان ايترو به نه ٿيو ته جن مسلمان ملڪن ۾ اسرائيل جا سفارت خانا کليل آهن، اهي تيستائين بند ڪرڻ ۽ پنهنجا سفير تل ابيب کان تيستائين واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪن ها يا کڻي اسرائيل کي اهڙو الٽي ميٽم ئي ڏين ها ته ڇا ٿي پوي ها؟ اهو ته تمام گهڻو پرامن قسم جو عمل هو. هر ماڻهو ۽ هر ملڪ کي اهو اخلاقي حق حاصل آهي ته هو ان ماڻهوءَ يا ملڪ سان بائيڪاٽ ڪري، جيڪو هن جي نظر ۾ صحيح دڳ تي ناهي. اسرائيل ته هن ڀيري دهشت جا سمورا پراڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ان حوالي سان انهن ملڪن مٿان فرض هو ته هو اسرائيل کي اها اک ڏيکارن ها، جيڪا ڪنهن به فرعون صفت فرد يا حڪومت کي اوقات ۾ رهڻ جو آخري پيغام ڏيندي آهي.

افسوس صد افسوس! او آءِ سي اهو ڪجهه نه ڪيو، جيڪو ڪجهه ڪرڻ لاءِ هن وٽ جواز به هو ۽ هن کي تاريخ اهي حالتون به ڏنيو هيون ته هو دنيا جي آڏو پنهنجي طاقت ثابت ڪري. هن ڀيري او آءِ سي ڪجهه نه ڪري اهو ڪجهه ڪيو آهي، جنهن سان هن اداري مان اميدن جو آخري ڏيئو به اجهامي ويو آهي. دنيا جو ڪو احمق ئي هوندو، جيڪو سعودي عرب ۽ مصر جهڙن ملڪن کان اهو مطالبو ڪري ته هو پنهنجيون فوجون حرڪت ۾ آڻين ۽ اسرائيل کي آخري وارننگ ڏين ته جيڪڏهن انهن هٿين خالي فلسطيني عوام مٿان بمن جو وسڪارو نه روڪيو ته پوءِ تنهنجا شهر به محفوظ نه هوندا. پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ٿي پئي سگهيو ته اسرائيل مٿان سفارتي دٻاءُ وڌو وڃي ها. حيرتناڪ شرمساريءَ واري حقيقت اها آهي ته هن ڀيري اهي ملڪ جيڪي اسلامي دنيا جي سرداري ڪرڻ جي حسرت سانڍي هلن ٿا، يعني ترڪيءَ جهڙا ملڪ جيڪي اڄ به تاريخ ۾ پنهنجي وڃايل امپائر (Empire) تي افسوس ڪن ٿا، اهي ملڪ به اسرائيل کي اک ڏيکارڻ بدران ۽ انقره ۾ اسرائيل جا کليل سفارت خانا بند ڪرڻ بدران اهو به نٿا ڪن جو اسرائيل سان وقتي طور تي هلندڙ پنهنجو ڪاروبار ئي روڪين. ڇا اهو ڪو راز آهي؟ ڇا دنيا کي معلوم ناهي ته هن وقت به اسرائيل کي تيل جو سڀ کان وڏو ذخيرو پهچائڻ وارو ملڪ ترڪي آهي. جيڪڏهن ترڪيءَ کي واقعي به تڪيلف پهتي آهي ته غزا شهر جي ”الشفاءَ اسپتال“ ۾ تيل ختم ٿيڻ سبب بجليءَ جو بحران پيدا ٿي پيو آهي ۽ نوان ڄاول ٻار انڪيوبيٽرس ۾ ساه کڻندي تڪليف محسوس ڪري رهيا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ هو اسرائيل کي تيل جي سپلاءِ ئي روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي. پر ڪنهن به ملڪ ڪو اهڙو اعلان نه ڪيو، جنهن سان اسرائيل کي ڪا تڪليف ته ڇا پر تشويش محسوس ٿئي. جڏهن دنيا جي 57 مسلمان ملڪن جو ردعمل اهڙو هوندو ته پوءِ اسرائيل انڌ جي گهوڙي تان ڇو لهندو؟

دنيا جي هر ملڪ کي معلوم آهي ته دنيا ۾ امن جو دستور ”طاقت جو توازن“ ئي پيدا ڪري سگهي ٿو. جڏهن ڪنهن ملڪ کي اهو محسوس ئي نه ٿيندو ته هن مٿان به ڪو مشڪل وقت اچي سگهي ٿو ته پوءِ هو فلسطين جي ماڻهن کي مکين وانگر ڇو نه ماريندو؟ اسرائيل جي نظر ۾ فلسطين جا ماڻهو انسان نه پر مکيون ۽ مڇر آهن. اسرائيل جي بيانن مان ان سوچ جي بوءِ ايندي آهي ته ڄڻ فلسطين جا ماڻهو انهن کي سڪون سان سمهڻ نه ٿا ڏين. انهن کي پنهنجي آرام لاءِ فلسطين جي ماڻهن کي مارڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن مهل تائين اسرائيل سان دنيا جي عام طور تي امن پسند ملڪن ۽ خاص طور تي اسلامي ملڪن، اهڙو سلوڪ اختيار نه ڪيو آهي جو هن کي اهو پتو پوي ته هو هر شيءَ ڪرڻ جو حق نه ٿو رکي. هن دنيا ۾ جيڪڏهن دهشتگردي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ القاعده کي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ نشانو بڻائڻ جو حق قانوني ۽ اخلاقي هو ته پوءِ اسرائيل سان ساڳيو سلوڪ اختيار ڇو نه ڪيو وڃي؟ القاعده مٿان مغربي ملڪن ۽ خاص طور تي آمريڪا پاران اهو الزام هو ته هن پرامن شهرين کي نشانو بڻايو آهي ته پوءِ اسرائيل ڇا پيو ڪري؟ اسرائيل ته اسپتالن ۾ داخل مريضن کي به ماري رهيو آهي. ڇا دنيا جو ڪو به اخلاق ۽ ڪو به قانون ۽ ڪو به فڪر ۽ فلسفو، ڪنهن به صورت ۾ اها اجازت ڏئي ٿو ته هن کي اهو حق ڏنو وڃي ته هو معصوم ٻارن ۽ مريضن کي ماري. اسرائيل ماري رهيو آهي. هن جي قاتل هٿ کي روڪڻ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن عالمي برادريءَ جو ڪو ڪردار نه پئي ٿي سگهيو ته گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪم اسلامي ملڪن جي عالمي تنظيم ئي ڪري ها!

او آءِ سيءَ کي جيڪڏهن اسرائيل مٿان عملي طور تي دٻاءُ وجهي غزا ۾ مرندڙ معصوم شهرين کي بچائڻ جي لاءِ ڪجهه نه ڪرڻو هو ڇا اهو بهتر نه هو ته او آءِ سي جو اجلاس ئي نه ڪوٺايو وڃي ها! آخر 37 ڏينهن تائين به ته ڪو ان تنظيم جو ڪو اجلاس طلب نه ٿيو. هڪ اڌ مهينو ٻيو به گذري وڃي ها ته ڇا ٿي پوي ها؟ پر اجلاس گهرايو ويو ۽ اهو به غير معمولي ڪيٽيگريءَ وارو اجلاس گهرايو ويو پر ڪيو ڇا ويو؟ اهوئي ڪجهه ڪيو ويو جيڪو احتجاجي ميڙن ۾ شاگرد ۽ ٽريڊ يونين وارا مزدور ڪندا آهن. تقريرن ذريعي مذمتن سان جيڪڏهن امن ممڪن ٿي سگهي ها ته دنيا ۾ هٿيارن جا ڪارخانا نه هلن ها. هيءَ دنيا عمل ۽ ردعمل جي آفاقي قانون سان ٻڌل آهي. هيءَ دنيا مطالبن معرفت سڌارا آڻڻ واري سسٽم سان سهمت ناهي. هن دنيا ۾ دهشت کي روڪڻ جي لاءِ طاقت جو عملي استعمال اڻٽر آهي.

ڪاش! او آئي سيءَ کي اهو علم احساس جي صورت محسوس نه ٿي سگهي ها ته اها تنظيم پنهنجي تاريخ ۾ ڪو ڪارنامو ته لکي سگهي ها. 57 ملڪن تي مشتمل اها تنظيم جيڪا 52 سال اڳ ۾ ان ڪري وجود ۾ آئي هئي ته الاقصيٰ مسجد جي ڪاٺ واري تاريخي ڇت کي باهه ڏني وئي هئي ۽ اڄ جڏهن هڪ پورو شهر بارود جي باه ۾ سڙي رهيو آهي ۽ اها تنظيم عملي طور تي ڪجهه نه ٿي ڪري ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو ممڪن ٿي سگهي ٿو!؟

Leave A Comment