امن امان صورتحال بهتر، ضرورت پئي ته ٻيهر آپريشن ڪنداسين: وڏوزير
جُون 26, 2025
جيڪب آباد (پنهنجي ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ ڪافي بهتري آئي آهي. ماضي ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردي هئي پر هاڻ امن آهي. امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي آپريشن جي ضرورت پئي ته پوئتي نه هٽنداسين.
هن وقت اغوا جون وارداتون گهٽ آهن، ڪشمور ۾ مسئلا آهن، ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جون جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته وفاق سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، رينجرز کان به مدد ورتي آهي، جيڪڏهن هڪ ٻئي آپريشن جي ضرورت پئي ته پوئتي نه هٽنداسين، امن امان قائم ڪرڻ اسان جو فرض آهي، سنڌ جو بارڊر ڀارت سان ملي ٿو، اتان اسمگلنگ نه ٿيندي آهي، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ اسمگلنگ ٿيندي آهي، پيپلزپارٽي 2024ع ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون، اهو وڏو ڪارنامو آهي.
سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي بجيٽ منظور ڪري ورتي آهي ۽ بجيٽ کانپوءِ بهتري ايندي. پيپلز پارٽي جي پارلياماني ڪميٽي اڄ فيصلو ڪيو ته اها وفاقي بجيٽ جي به حمايت ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته ايف بي آر ۽ سنڌ جي معاملن تي به اڳڀرائي ٿي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ اغوا جي واقعن ۾ به نمايان گهٽتائي آئي آهي ۽ سنڌ حڪومت امن امان کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻي رهي آهي.
مراد علي شاهه چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌيڪ آهي، جيستائين اسان جي ڪاميابين جو تعلق آهي ته اسان کي چونڊن ۾ تاريخي ووٽ مليا، عوام اسان جي ڪاميابين جي ڪري اسان کي رڪارڊ ووٽ ڏنا.
مراد علي شاهه اهو به چيو ته جڏهن اسرائيل ايران تي حملو ڪيو ته پاڪستان ايران سان گڏ بيٺو هو.