| امن اوليت، ڪچي ۾ آپريشن جاري رکو: وزيراعليٰ جي آءِ جي کي هدايت |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نئين آءِ جي جاويد عالم اوڍو پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي، وڏي وزير، گهرووزير ۽ چيف سيڪريٽري سان ملاقاتون، ان ڏس ۾ وڏي وزير مراد شاهه ملاقات ۾ نئين آءِ جي کي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ جو امن پهرين ترجيح آهي، ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رهڻ گهرجي، وڏي وزير ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهو مسئلو سڌي طرح عوام جي اعتماد ۽ شهرين جي تحفظ جي احساس تي اثرانداز ٿئي ٿو. وڏي وزير سروس ڊليوري بهتر بڻائڻ ۽ پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد مضبوط ڪرڻ لاءِ ٺوس قدمن جي هدايت ڪئي. هن پوليس فورس کي جديد بڻائڻ (ماڊرنائيزيشن) واري مشن کي ڀرپور انداز ۾ اڳتي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. مراد علي شاهه سيف سٽي پروجيڪٽ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ نگراني جي نظام، ٽيڪنالاجي جي بهتر انضمام ۽ آپريشنل ڪارڪردگي ۾ بهتري جي اهميت تي زور ڏنو. هن صوبي ۾ منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ منشيات خلاف جاري ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ان موقعي تي آءِ جي جاويد عالم اوڍو چيو ته سنڌ جي حڪومت جي پاليسي تي عمل ڪيو ويندو، اهڙو نظام ٺاهينداسين جو رستم جهڙا واقعا روز نه ٿيندا، اهو نٿو چئي سگهان ته ايڏي وڏي صوبي ۾ اهڙا واقعا زيرو ٿين پر چاهيان ٿو ته روز نه ٿين، سنڌ جي مسئلن بابت مون کي وڌيڪ ڄاڻ آهي، منهنجي نه رڳو هتي سروس رهي آهي پر ائون پاڻ به هتان جو رهواسي آهيان.