جيڪڏهن ڳالهه ڪجي انتظامي وائڙائپ ۽ افراتفري جي، ته سنڌ جا حڪمران ملڪ جي مڙني صوبن جي مقابلي ۾ پنھنجي پھرئين نمبر تي ھجڻ واري ٽائيٽل جو دفاع ڪندا پيا اچن. اھڙي صورتحال جو فائدو وٺندي ڪراچيءَ ۾ ڪي ڌريون وري انتشار کي وڌيڪ مھميزون ھڻي، حالتن کي ابتريء ڏانهن ڌڪي پنھنجا مذموم مقصد حاصل ڪرڻ واري ڪرت ۾ رڌل آھن. جن ۾ جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان به پوئتي ناھي رھيو. جنھن اي ـ چالان خلاف ڪڍيل احتجاجي ريلي دوران گڏھ جي ڪنڌ ۾ اجرڪ جي پيٽرن واري نمبر پليٽ لٽڪائڻ تي سنڌ جي عوام جي شديد تنقيد ۽ معذرت ڪرڻ واري مطالبي تي ندامت بدران ان ڪڌي عمل جو دفاع ڪندي معذرت واري گھر کي رد ڪندي چيو آهي ته جماعت اسلامي کي اجرڪ جي معاملي تي وضاحت ڪرڻ جي ضرورت ناهي. مون ڏٺو آهي ته سنڌي پاڻ گڏهه گاڏين جي ريس ۾ اجرڪ وارا پٽا پارائيندا آهن. اجرڪ جي توھين اھي ٿا ڪن، جيڪي ثقافتي ڏينهن تي اجرڪ وارا جوتا ۽ جوراب پائين ٿا.
ڪيتري ئي وقت کان ڪي ڌريون سنڌ ۾ لساني بنيادن تي وڳوڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ۽ جماعتِ اسلامي به اھڙين ڪوششن ۾ پنھنجو حصو ملائيندي رھي آھي ۽ ھن ڀيري ته جماعت جو امير ڪراچي جي ميئر وارو منصب حاصل ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ ھٿيار پنھوارَ کڻي پڙ ۾ پڌاريل آھي. جماعت اسلامي پاڪستان جي سياست ۾ پاڻ کي هميشه “اصلاحي” ۽ “اخلاقي” قوت طور پيش ڪيو آهي، پر تاريخي حقيقتون هن دعويٰ سان گهڻي حد تائين ٽڪراءُ ۾ نظر اچن ٿيون. ملڪ جي جمهوري جدوجهدن ۾ هن جماعت جو ڪردار بار بار سوالن هيٺ آيو آهي. جمهوريت، عوامي بالادستي ۽ آئين جي بالادستي جي ڳالهه ڪرڻ جي باوجود، جماعتِ اسلامي عملي طور تي اڪثر غير جمهوري قوتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري رهي آهي.
سنڌ ۾ جماعتِ اسلامي جو رويو وڌيڪ تڪراري رهيو آهي. سنڌ جي سڃاڻپ، ٻولي ۽ ثقافت هميشه هن ڌرتيءَ جي مزاحمتي روح سان جڙيل رهي آهي. اهڙي ماحول ۾ جڏهن جماعت جي ذميوار اڳواڻ ۽ امير نعيم الرحمان طرفان اجرڪ واري ثقافتي علامت واري نمبر پليٽ گڏھ جي ڪنڌ ۾ وجھي نماءُ ڪرائڻ نئون فتنو کڙو ڪرڻ جي برابر آهي. اها رڳو هڪ حرڪت نه پر سنڌي ثقافت جي سڌي توهين هئي. اجرڪ سنڌي قوم جي عزت، مهمان نوازي ۽ تاريخي ورثي جي علامت آهي؛ ان کي مذاق يا تضحيڪ جو موضوع بڻائڻ سنڌي عوام جي احساسن کي زخمي ڪرڻ جي برابر آهي. اهڙيون حرڪتون اتفاقي نه پر هڪ ذهنيت جي عڪاسي ڪن ٿيون. ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ وقت بوقت انتشار ۽ وڳوڙن جي فضا ٺاهڻ جون ڪوششون ٿيون آهن. سياسي بيان بازي، اشتعال انگيز تقريرون ۽ غير ذميوار احتجاج اهڙي ماحول کي جنم ڏين ٿا، جتي معمولي واقعو به وڏو فساد بڻجي سگهي ٿو. هڪ ذميوار سياسي جماعت جو ڪم ماڻهن کي گڏ ڪرڻ، مسئلا حل ڪرڻ ۽ امن کي هٿي ڏيڻ هئڻ گهرجي، پر امير جماعتِ اسلامي جي حڪمتِ عملي اڪثر ان جي ابتڙ نظر آئي آهي.
سنڌ هميشه امن، رواداري ۽ صوفياڻي فڪر جي ڌرتي رهي آهي. اهڙي سماج ۾ جيڪڏهن ڪا جماعت نفرت، ثقافتي توهين ۽ غير جمهوري سوچ کي هٿي ڏئي ٿي ته ان جو قلم، دليل ۽ شعور جي ذريعي سخت احتساب ٿيڻ گهرجي. پاڪستان کي اڄ به مضبوط جمهوريت، صوبائي هم آهنگي ۽ ثقافتي احترام جي سخت ضرورت آهي. جيڪي قوتون هر آمريت سان گڏ بيهنديون آهن، جيڪي مقامي سڃاڻپن کي نشانو بڻائين ٿيون ۽ جيڪي سماج ۾ ورهاست پيدا ڪن ٿيون، سي ملڪ جي مستقبل لاءِ فائديمند نٿيون ٿي سگهن. سنڌ جا ماڻهو تاريخي طور اهڙين حرڪتن کي رد ڪندا آيا آهن ۽ مستقبل ۾ به هو جمهوريت، عزت ۽ امن جي پاسي بيٺل رهندا. ان ڪري جماعت اسلامي جي امير کي پنھنجي رويي تي معذرت ڪرڻ گھرجي. کيس ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ ۾ نفرت جي سياست جي ڪابه گنجائش نه آهي.