| “امن ڪرايو” ٺڪراٺي ۾ جي يو آءِ جو بدامني خلاف ڌرڻو |
ٺڪراٺو (ن پ ا) سکر ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جي يو آءِ پاران ٺڪراٺو شھر جي مين چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن مولانا محمد صالح انڍڙ، حافظ عبدالحميد مھر، علي اڪبر عباسي، مولوي رفيق احمد ميراڻي، عبدالقيوم مھر ۽ ٻين چيو ته ضلعي سکر ۾ قتل، ڦر، اغوا سميت چوري جون وارداتون ڏينھون ڏينھن وڌنديون پيون وڃن پر پوليس بدامني تي ضابطو نه آڻي سگهي آهي، ماڻھو پنھنجي گھرن ۾ محفوظ ناھي،هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري امن امان قائم ڪرايو وڃي.