“امن ڪرايو” ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال: شهري نڪري آيا، ريلي: ڌرڻو

ڊسمبر 21, 2024

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عمران علي کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي خراب صورتحال بدامني تي ضابطو نه اچڻ خلاف آل پارٽيز موومينٽ شهري اتحاد جي سڏ تي شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي. هڙتال سبب شهر جا سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، شهر جي گهنٽاگهر چوڪ، هيبت روڊ، وڌي شاهه، چوڪ.صرافا بازار، ڊکڻ بازار، ڊي سي روڊ سميت شهر جي ٻين چوڪ چوراهن طرف قائم سڀ ڪاروباري مرڪز شهرين امن امان جي بحالي لاءِ پاڻمرادو بند رکيا، شهرين آل پارٽيز موومينٽ ۽ شهري اتحاد جي سڏ تي هڙتال سان گڏو گڏ هڪ وڏي ريلي گهنٽاگهر چوڪ کان پريس ڪلب پهتي، ريلي ۾ معصوم ٻارڙا ٻڍڙا سوين جي تعداد ۾ شهري هٿن ۾ اڇا جهنڊا کڻي امن امان جي بحالي جو مطالبو ڪيو،  اڳواڻن ڊاڪٽر ميهرچند، دلمراد ڏاهاڻي، اي ڪي اوڳاهي، ظريت بجاراڻي، صحافي لياقت علي کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان جو ضلعو بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي، اسان کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، ڏوهاري سرعام واپارين کان ڀتو طلب ڪري رهيا آهن، هڙتال ۽ احتجاجي تحريڪ هلائي چڪا آهيون پر سنڌ حڪومت ۽ پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيستائين امن امان قائم نه ٿيندو سندن احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، سندن وڌيڪ چوڻ هو ته غلام مرتضيٰ کوکر  بدرالدين گهنڄو سميت ڪيترائي مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل آهن، پوليس حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي خاموش ٿي ويهي رهي ٿي، اڳواڻن چيو ته اسان هر روز صبح سوير سان 12  وڳي  تائين دڪان بند رکي هڙتال ڪنداسين، روزانو جي بنياد تي امن جي بحالي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. سندن چوڻ هو ته بدامني تي ايس ايس پي، .ڊي سي ۽ ضلعي جي چونڊيل نمائندن مٿان پٽيشن داخل ڪرائينداسين.

Leave A Comment