“امن ڪرايو” ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ ڀتا خوري خلاف ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال: ريلي

ڊسمبر 22, 2024

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني، ڀتاخوري ۽ اغوا جي وارداتن خلاف آل پارٽي موومينٽ ۽ شھري اتحاد جي سڏ تي ٻي ڏينهن به شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، ھڙتال سبب شھر جو ڪاروبار مڪمل بند رھيو، شهرين طرفان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر ميھرچند، دلمراد ڏاھاڻي، ظريت بجاراڻي، والي ڏنو سنڌي، حضوربخش مغل ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ھٿرادو امن خراب ڪري بدامني پيدا ڪري ڌرتي واسين کي تنگ ڪري ڪنڌڪوٽ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، بدامني سبب ڪافي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، هتي روزانو جي بنياد تي اغوا جون وارداتون ٿي رهيون آهن، واپارين کي ڀتي جون پرچون ملي رهيون آهن، پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته امن قائم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

Leave A Comment