امن ڳالهين جو ٻيو دور: ايراني پرڏيهي وزير جي اسلام آباد آمد، وينس کانسواءِ آمريڪي وفد ايندو، روس کي به دعوت

امن ڳالهين جو ٻيو دور: ايراني پرڏيهي وزير جي اسلام آباد آمد، وينس کانسواءِ آمريڪي وفد ايندو، روس کي به دعوت

اسلام آباد/تهران/ واشنگٽن (بيورو رپورٽ + م ڊ) امن لاءِ اسلام آباد ۾ ڳالهين جو ٻيو دور، ايراني پرڏيهي وزير پهچي ويو، آمريڪا به ٻه رڪني وفد موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ايراني پرڏيهي وزير پنهنجي مختصر ٽيم سان گڏ رات پاڪستان پهتو، اسلام آباد پهچڻ تي سندس آجيان ڪئي وئي وزيراعظم شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار سان به ملاقاتون ڪندو، ان کان اڳ پاڪستان، روس، عمان جي دوري جو اعلان ڪندي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته هو اسلام آباد، مسقط ۽ ماسڪو دورن جي شروعات ڪري رهيو آهي، اُن جو مقصد ٻطرفن معاملن تي پنهنجي ڀائيوارن سان ويجها رابطا رکڻ ۽ خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي مشاورت ڪرڻي آهي، هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران به ايران سان ڳالهين لاءِ پنهنجي ٽيم اسلام آباد اُماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آمريڪي ٽيم اڄ پاڪستان لاءِ رواني ٿيندي، آمريڪي مذاڪراتي ٽيم خاص ايلچي اسٽيو وِٽڪوف ۽ ٽرمپ جي ناٺي جيرڊ ڪُشنر تي ٻڌل هوندي، آمريڪي نيوز ايجنسي موجب هن دفعي ڳالهين ۾ ايراني اسپيڪر باقر قاليباف شامل نه هوندو، اُنڪري آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس کي اسلام آباد نه اُماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ايران سان ڳالهيون اڳتي وڌيون ته جي ڊي وينس ڪنهن به وقت پاڪستان اچڻ لاءِ تيار آهي. ٻئي طرف آمريڪن خابرو ايجنسي ايسوسئيٽ پريس دعويٰ ڪئي ته ايران جي اعليٰ سفارتڪار ۽ پاڪستاني عملدارن جمعي ڏينهن آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ ۾ فائربندي جي تفصيلن تي ڳالهيون ڪيون، جيڪي اسلام آباد جي ان ڪوششن جو حصو آهي جنهن جو مقصد ايران کي آمريڪا سان ڳالهين لاءِ پنهنجو وفد موڪلڻ تي راضي ڪرڻ هو،  برطانوي خابرو اداري روئٽرز ڄاڻايو ايران جو پرڏيهي وزير عراقچي جي جمعي جي رات جو مختصر وفد سان اسلام آباد پهچڻ بعد آمريڪا سان امن ڳالهين جي اميد آهي، ذريعن موجب ڳالهين لاءِ آمريڪي لاجسٽڪس ۽ سيڪيورٽي ٽيم اڳ ئي اسلام آباد پهچي چڪي آهي. آمريڪا-ايران ڳالهين جي ٻئي مرحلي ۾ ڪنهن وڏي اڳڀرائي (بريڪ ٿرو) جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
 

اسلام آباد/تهران: ايراني پرڏيهي وزير پاران اسلام آباد اچڻ کان اڳ پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان به رابطو ڪيو ويو، پرڏيهي ترجمان موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ڳالهه ٻولهه ۾ ايراني پرڏيهي وزير خطي جي صورتحال، جنگبندي ۽ ايران سان رابطن لاءِ سفارتي ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسحاق ڊار مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ فوري اڳڀرائي اڻٽر آهي، ايراني نيوز ايجنسي موجب ايراني پرڏيهي وزير فيلڊ مارشل عاصم منير سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. هوڏانهن ايراني پرڏيهي وزير جي رابطي بعد نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ ڏني. خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ وڌڻ جي خدشن، ايران آمريڪا ڳالهين جي ٻئي دور تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف کي سفارتي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. ذريعن مطابق وزيراعظم ايراني وفد جي آمد کي اهم سفارتي اڳڀرائي قرار ڏنو. پاڪستان ٻنهي ڌرين کي ٻيهر ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ سرگرم آهي. وزيراعظم امن ۽ استحڪام لاءِ اهم پاليسي ۽ سفارتي هدايتون جاري ڪيون، پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، اعتماد سازي ۽ ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائڻ واري عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي اعليٰ سطح سفارتي رابطن ۾ تيزي آڻڻ ۽ لڳاتار مشاورت جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار روسي وزير پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان رابطو ڪيو. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ عالمي فورمز تي سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. روسي پرڏيهي وزير ايران آمريڪا ڳالهين ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪئي. مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. اسحاق ڊار سرگئي لاوروف کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. ٻنهي ملڪن جو رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو ويو.