| اميتاڀ سان 52 سال گذاريم، وڌيڪ پيار ڪهڙو ڪريا ن؟ جيا |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪاره ۽ سياستدان جيابچن پنهنجي هڪ تازي انٽرويو سبب سرخين ۾ آهي، جنهن ۾هن شادي ۽ ذاتي زندگي بابت ويچار ونڊيندي چيو آهي ته شادي جو تصور هاڻي پراڻو ٿي چڪو آهي. جيا بچن کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا سندس مڙس امتياڀ بچن به شادي بابت اهڙا خيال رکي ٿو؟ جنهن تي جيا بچن وراڻيو ته ” مون کانئس ناهي پڇيو، هو شايد اهو چوي ته منهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي غلطي هئي، آئون اهو ٻڌڻ نٿي چاهيان.“ شادي تي تنقيدي راءِ رکڻ باوجود جيا بچن اعتراف ڪيو ته اميتاڀ بچن سندس لاءِ ” پهرين نظر “ واري محبت آهي.هن مرڪندي چيو ته ” ڇا توهان لاءِ پراڻن ڦٽن کي ڇيڙڻ ۾ ضروري آهي؟ آئون ٻاونجاهه سالن کان اميتاڀ سان گڏ آهيان، انهي کان وڌيڪ پيار نٿي ڪري سگهان.“