| اميت شاهه جي پٽ جي هوٽل لاءِ ڀارتي حڪومت پهلگام واقعو ڪرايو: صحافي |
نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي صحافي اجي شڪلا پهلگام جي فالس فليگ آپريشن پويان مودي سرڪار جي سياسي ايجنڊا بابت انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ڪيترن ئي ڀارتي اڳواڻن بار بار پهلگام جي فالس فليگ آپريشن پويان ڀارتي سرڪار جي ڪردار کي سامهون آندو آهي. مودي سرڪار اميت شاهه جي پٽ لاءِ هوٽل ٺاهڻ ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ هي ڊرامو رچايو. ڀارتي سياستدان شنڪر سنگهه واگهيلا به گجرات ۾ ٿيندڙ قتل عام کي مودي سرڪار جي سازش قرار ڏنو. والاريل جمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن به پهلگام جي جعلي آپريشن کي منظم سازش ۽ ڊرامو قرار ڏنو. ڀارتي سيڪيورٽي ماهر ڊاڪٽر اجي ساهني به پهلگام کي هڪ منظم منصوبو قرار ڏنو آهي. والاريل جمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي گورنر ستيا پال ملڪ چيو ته مودي کي پوري قوم کان معافي وٺڻ گهرجي ۽ فوري طور تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. اڳوڻي ڀارتي ايم ايل اي وجي تيواري به پهلگام ۾ حملي لاءِ ڀارتي حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو آهي. ڀارتي ڳائڻي نيها سنگهه راٺور بي جي پي تي سخت تنقيد ڪندي پڇيو ته سڀئي دهشتگرد حملا بي جي پي حڪومت ۾ ڇو ٿين ٿا. پهلگام حملي کان فوري پوءِ پاڪستان تي الزام لڳايو ويو. ڀارتي عوام اندروني مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ بي جي پي جي سازشي حڪمت عملي کي اڳ ئي مڪمل طور تي رد ڪري چڪو آهي.