اميدوارن جي سرڪاري خزاني مان خرچ ۽ ڳجهي ووٽنگ جي وڊيو رڪارڊنگ تي پابندي

جنوري 20, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن پاران 17 نقاطي ضابطا اخلاق جاري، چونڊ مهم دوران قومي ميڊيا پاڪستان جي نظريي، خودمختياري ۽ سلامتي خلاف ڪا به خبر نشر نه ڪندي،  ڳجهي ووٽنگ جي وڊيو رڪارڊنگ جي اجازت نه هوندي، ڪالهه اليڪشن ڪميشن 17 نقاطي ضابطه اخلاق جاري ڪندي چيو آهي ته پرنٽ، اليڪٽرانڪ، ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا چونڊ مهم دوران پاڪستان جي نظريي، خودمختياري ۽ سلامتي خلاف ڪا به خبر نشر نه ڪندا، قومي ميڊيا عدليه ۽ ٻين قومي ادارن جي آزادي ۽ سالميت  خلاف تعصب رکندڙ راين جي عڪاسي نه ڪندي، اهڙن بيانن يا الزامن کي نشر نه ڪيو ويندو جنهن سان قومي وحدت، امن امان جي صورتحال کي خطرو هجي، اهڙو ڪو به مواد شامل نه ڪيو ويندو جيڪو ڪنهن به اميدوار، سياسي پارٽي، مذهب، برادريءَ جي بنياد تي ذاتي حملو هجي، خلاف ورزي تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هڪ اميدوار پاران ٻئي  اميدوارن تي الزام ھڻڻ تي ٻنهي پارٽين طرفان تصديق ڪئي ويندي، پيمرا، پي ٽي اي، پي آءِ ڊي، اطلاعات واري وزارت جي سائبر ڊجيٽل ونگ سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي ڏنل ڪوريج جي نگراني ڪندي،  اميدوار ۽ سياسي پارٽيون پولنگ واري ڏينهن کان 10 ڏينهن اندر ادائگي جا تفصيل ڏيندا. قومي خزاني مان ڪنهن به سياسي پارٽي يا اميدوار جي چونڊ مهم نه هلائي ويندي، اليڪشن  کان 48 ڪلاڪ اڳ چونڊ ميڊيا مهم ختم ڪئي ويندي، چونڊ عمل ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿيندي. صرف تصديق ٿيل ميڊيا جا نمائندا پولنگ اسٽيشن ۾ هڪ ڀيرو ڪيميرا سان پولنگ جي عمل جي وڊيو ٺاهڻ لاءِ داخل ٿيندا. ڳجهي ووٽن جي وڊيو رڪارڊنگ جي اجازت نه هوندي، پولنگ ختم ٿيڻ کان هڪ ڪلاڪ بعد تائين نتيجا نشر نه ڪيا ويندا. نتيجن کي شايع ڪرڻ وقت اهو ذڪر ڪيو ويندو ته اهي غير سرڪاري ۽نامڪمل نتيجا آهن جن کي آر او پاران اعلان ٿيڻ تائين حتمي نه سمجهيو ويندو. ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي صحافي يا ميڊيا جي اداري جي ايڪريڊيشن ختم ٿي سگهي ٿي.

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ ضابطه اخلاق جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب سمورين پولنگ اسٽيشنن ٻاهران سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، بيلٽ پيپرز جي ڇپائي دوران پرنٽنگ ڪارپوريشنز جي سيڪيورٽي تي اهلڪار مقرر هوندا، چونڊن جو سامان، پولنگ، ڳڻپ ۽ نتيجن تائين اهلڪار مقرر هوندا، سيڪيورٽي اهلڪار چونڊن دوران غير جانبدار رهندا، اهلڪار ڪنهن به واقعي تي پرزائيڊنگ آفيسر جي هدايت بنا ڪارروائي نه ڪري سگهندا، هوڏانهن  ملڪ ۾ عام چونڊن کي نظر ۾ رکندي انتهائي حساس ۽ ٻين ڪيٽيگريز جي پولنگ اسٽيشنز تي نفري مقرري جو فارمولو طئي ٿي ويو ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن ۽ پوليس وچ ۾ عام چونڊن دوران سيڪيورٽي بابت معاملا طئي ٿي ويا، جنهن تحت اليڪشن ڪميشن انتهائي حساس، حساس ۽ سي ڪيٽيگري وارين پولنگ اسٽيشنز تي نفري مقرريءَ جو نئون فارمولو ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب، انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي پنج، حساس پولگ اسٽيشنز تي چار ۽ سي ڪيٽيگري وارين پولنگ اسٽيشنز تي ٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن طرفان انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي ڇهه، حساس ۽ سي ڪيٽيگري واري پولنگ اسٽيشنز تي پنج ۽ چار اهلڪار مقرر ڪرڻ جو فارمولو ڏنو ويو هو، جنهن تي پوليس نفري جي کوٽ سبب اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو هو.

Leave A Comment