اميدوار چونڊي ڇڏيا صحيح يا غلط انهن کي ئي ڪامياب ڪريو، تير جو مقابلو عوام جو رت چوسيندڙ شينهن سان آهي: بلاول
جنوري 15, 2024
خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ اميدوار چونڊي ڇڏيا آهن، صحيح يا غلط اهي ئي اميدوار آهن، اميدوارن کان غلطي ٿي هجي ته معاف ڪريو، تير جو مقابلو عوام جو رت پيئندڙ شينهن سان آهي، عوام تير جي اميدوارن کي کٽرائي، ڪم مان ڪندس، بيٽ ٻاهر ٿي وئي، هاڻي تير ۽ شينهن جو مقابلو آهي، تير سان شينهن جو شڪار ڪنداسين، ڇا عوام انهن کي ووٽ ڏيندو جيڪو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيو پر ڪو به ڪم نه ڪيو؟ اهو شخص ان وقت تائين گهر ۾ لڪيل رهيو جيستائين مخالف جو بندوبست نه ٿي ويو، اهو شخص ٽئي ڀيرا ناڪام ٿي چڪو آهي، چوٿون ڀيرو آندو ويو ته وري جهيڙا ڪندو ۽ پوءِ چوندو مون کي ڇو ڪڍيو، ٽئي ڀيرا ناڪام شخص کي ڇو چوٿون ڀيرو وزيراعظم مڃون؟ بزدل کي گهر ۾ گهڙي مارينداسين، اسلام آباد کي پيغام ڏيان ٿو ته اوهان جنهن شخص کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو عوام ان کي پنهنجو نمائندو نٿو مڃي، خيرپور جي ممتاز گرائونڊ ۾ عوامي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان اوهان وٽ ووٽ لاءِ آيو آهيان، اوهان منهنجو ساٿ ڏيو، ڇو ته اڄ پاڪستان ڏکيائين ۾ آهي، عوامي راڄ بجاءِ ملڪ ۾ بيروزگاري، مهانگائي ۽ دهشتگرد پنهنجو سر بلند ڪري رهيا آهن، ملڪ جو عوام اڄ معاشي مصيبت کي ڀوڳي رهيو آهي، هنن نفرتن ۽ ورهاڱي جي سياست ڪري سڄي ملڪ کي ورهائي ڇڏيو آهي، عوام جي طاقت ۽ ساٿ سان اسان جي حڪومت هوندي ته نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست ختم ڪنداسين، هن چيو ته اسان عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا، پ پ جو مقابلو ٻي ڪنهن سان ناهي، پر اسان جو مقابلو بک، بيروزگاري ۽ دهشتگردي سان آهي، تنهن ڪري مون هڪ عوامي منشور ٺاهيو آهي، جنهن ۾ 10 نقطا آهن، جيڪڏهن الله مون کي موقعو ڏنو ته آئون سرڪاري ملازمن جي پگهار ٻيڻي ڪري ڇڏيندس، جيڪڏهن آئون وزيراعظم ٿيس ته توهان کي بجلي جا 300 يونٽ مفت ڏنا ويندا، اسان سڄي پاڪستان ۾ گمس، اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ يو ٽي جهڙيون اسپتالون ٺاهينداسين، آئون لاهور مان ٿي آيو آهيان، جتي گمس جهڙي اسپتال ناهي، منهنجو خواب آهي ته گمبٽ جهڙا ادارا هر ضلعي ۾ قائم ڪري عوام کي مفت صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، پ پ چيئرمين چيو ته خيرپور ضلعي جي عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته اليڪشن ۾ ووٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو آهي، انشاءَ الله 8 فيبروري تي جيالا ان جذبي سان نڪرندا ته پوءِ اسان کي ڪا طاقت روڪي نه سگهندي، سنڌ جو وڏو وزير به جيالو هوندو ۽ وزيراعظم به جيالو هوندو، هن جو چوڻ هو ته لاهور جي مشهور سياستدانن ورهاڱي جي سياست ڪري سڄي ملڪ کي ورهائي ڇڏيو، هن چيو ته پ پ قيادت انتقام جي سياست نه ڪندي آهي، پر سڀني کي گڏ کڻي هلڻ واري سياست ڪندي آهي، آئون هڪ سال دوران وفاقي وزير جي حيثيت ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ گهر ٺهرايا، هن چيو ته 8 فيبروري تي ئي چونڊون ٿينديون ۽ 9 فيبروري تي انشاءَ الله اسان جا اميدوار واضع اڪثريت سان ڪامياب ٿي سرخرو ٿيندا، پ پ جي عوامي حڪومت اڳ به عوام جي خدمت ڪندي بينظير انڪم سپورٽ پرگرام تحت مالي مدد فراهم ڪئي آهي، اسان حڪومت ۾ اچي هارين لاءِ ڪسان ڪارڊ متعارف ڪرائينداسين، مسلم ليگ (ن) ميمبرن جو چوڻ آهي ته پئسا نه پر 18 هين ترميم ۽ اين ايف سي کي ختم ڪيون، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 17 وزارتن جا وزير آهن، جيڪي عوام جا اربين رپيا هڙپ ڪري وڃن ٿا، انهن وزارتن کي بند ڪري پئسو عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪندس، اشرافيه ٽئڪس ڏيڻ کان نابري واري ويٺل آهي، جڏهن ته ملڪ جو عوام 100 ارب کان وڌيڪ ٽئڪس ڏئي رهيو آهي، ٽئڪس آمدني جو ڳچ حصو سبسڊي ۾ هليو وڃي ٿو، جنهن کي بند ڪيو ويندو، منهنجو مشن ۽ عزم عوام کي غربت جي ڌٻڻ مان ڪڍي ملڪ کي ترقي وٺائڻ آهي.