اميد ته ايران آمريڪا جنگبندي ۾ واڌ ٿيندي: ترڪي

اميد ته ايران آمريڪا جنگبندي ۾ واڌ ٿيندي: ترڪي

انطاليا (م ڊ) ترڪي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي، جيڪا اربع 21 اپريل تي ختم ٿيڻ واري آهي، ۾ واڌ ڪئي ويندي. ڪو به نٿو چاهي ته ايندڙ هفتي جنگ بندي ختم ٿيڻ تي هڪ نئين جنگ ٿئي. ترڪي جي پرڏيهي وزير خاکان فيدان انطاليا ڊپلوميسي فورم ۾ چيو ته اسان کي اميد آهي ته پارٽيون جنگ بندي ۾ واڌ ڪنديون مان ان بابت مثبت سوچي رهيو آهيان.