“اميد جي ڊوڙ” سکر ۾ عالمي ميراٿن ريس: پرڏيهي مرد ۽ عورت ايٿليٽس پوزيشنون کڻي ورتيون

“اميد جي ڊوڙ” سکر ۾ عالمي ميراٿن ريس: پرڏيهي مرد ۽ عورت ايٿليٽس پوزيشنون کڻي ورتيون

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) “اميد جي ڊوڙ” سکر ۾ عالمي سطح جي ميراٿن ريس، هزارين مرد توڙي عورت ايٿليٽڪس ڊوڙ جي مقابلن ۾ حصو ورتو،مردن جي 42 ڪلو ميٽر ۽ عورتن جي 10 ڪلو ميٽر ڊوڙ ڪرائي وئي، ٻاهرين ملڪن کان آيل مرد ۽ عورت ايٿليٽڪس پوزيشنون حاصل ڪري ورتيون، صرف لاهور جي رهواسڻ ٽئين پوزيشن حاصل ڪري سگهي. سکر ۾ عالمي سطح جي ٻئين لوڪ سهائتا ميراٿن 2025 منعقد ڪئي  وئي. سنڌ حڪومت جي ترجمان، ميئر سکر بئريسٽر اسلام اسلام شيخ، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ محمد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي پير محمد شاهه، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ ۽ ٻين ربن ڪٽي مردن جي 42 ۽ عورتن جي 10 ڪلو ميٽر ڊوڙ جي شروعات ڪئي. ڊوڙ جي مقابلي ۾ ڪينيا جي ميوني متوڪو (Meuni Mutuku) چاليهه منٽ 25 سيڪنڊ ۾ مفاصلو طئي ڪري پهرين، جاپان جي يوڪولگوچي (Yuko Lriguchi) چاليهه منٽ 49 سيڪنڊ سان ٻئين پوزيشن ۽ لاهور جي رهوسڻ ماهنور افضل 43 منٽن ۾ مفاصلو طئي ڪري ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. اهڙي طرح مردن ۾ پهرين پوزيشن موراڪو جي اليوسف عبدالمجيد (Elhyssouf Abduelmajid) 42 ڪلو ميٽر جو فيصلو ٻه ڪلاڪ 22 منٽن ۽ 35 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. جڏهن ته ايٿوپيا جي ميٿرو نيبرو (Ayalew Miheretu Nabero) ٻه ڪلاڪ 28 منٽ ۽ 38 سيڪنڊن ۾ پهچي ٻئين پوزيشن ۽ ڪينا جي جيڪس مائنيا (Jurica Jekson Maina) 2 ڪلاڪ 31 منٽ ۽ 6 سيڪنڊ ۾ طئي ڪري ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. مردن جي ڊوڙ پبلڪ اسڪول کان شروع ٿي، وارث ڳنڀير ڳوٺ باءِ پاس خيرپور کان واپس ساڳي پبلڪ اسڪول وٽ اختتام ٿي. جڏهن ته 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارڙن وچ ۾ به هڪ ڪلو ميٽر ۽ صحافين جي به ڊوڙ ڪرائي وئي. ميراٿن صبح جو سوا 7 وڳي شروع ٿي. هن ڊوڙ جي مقابلن ۾ 15 ملڪن مان 28 کان وڌيڪ عالمي رانديگرن شرڪت ڪئي، جن ۾ ڪينيا، اٽلي، ايٿوپيا، مراڪش، جاپان، يوگنڊا ۽ برطانيا جا رانديگر شامل هئا. ان کان علاوه پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير مان به وڏي انگ ۾ مرد ۽ عورت رانديگرن شرڪت ڪئي.