امير بخش ڀٽو، انڙ برادران ۽ محراب مري جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

جُون 1, 2023

ڪراچي/ٽنڊوآدم ( نمائندن وٽان) پي ٽي آءِ جي مرڪزي نائب صدر امير بخش ڀٽو، انڙ برادران ۽ پي ٽي آء يوٿ ونگ سنڌ جي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري محراب خان مري بنيادي ميمبرشپ ۽ عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امير بخش ڀٽو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، هن سان گڏ انڙ ڀائر به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.

ٽنڊي آدم ۾ پريس ڪانفرنس دوران ھن چيو ته منھنجو سردار امير بخش ڀٽو تي اعتماد آھي اهو جيڪو فيصلو ڪندو ان جي پوئواري ڪنداسين۔

Leave A Comment