امير بخش ڀٽو جي صدر زرداري سان ملاقات: پ پ ۾ شموليت جا امڪان

امير بخش ڀٽو جي صدر زرداري سان ملاقات: پ پ ۾ شموليت جا امڪان

نئون ديرو (ن پ ا) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سينيئر سياستدان مرحوم ممتاز علي ڀٽو جو پٽ امير بخش ڀٽو نئون ديرو ھائوس پھچي ملڪي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ ليڊيز ونگ جي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيو، ملاقات ۾ تعلقي رتوديرو  جي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو،  امير بخش ڀٽو صدر مملڪت آصف علي زرداري سان پھريون ڀيرو ملاقات ڪئي ۽ کيس ميرپور ڀٽو اچڻ جي دعوت ڏني، جيڪا صدر آصف علي زرداري پاران قبول ڪري ورتي آهي، امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي ته امير بخش ڀٽو ملاقات بعد پ پ ۾ شموليت جا اعلان ڪندو. جڏهن ته صدر پاڪستان امير بخش ڀٽو جي دعوت تي ميرپور ويندو.