| امير گيلاني سان محبت ٿي، شادي لاءِ دعائون گهريم: ماوره |
ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره ماوره حسين اعتراف ڪيو آهي ته امير گيلاني سان کيس محبت ٿي هئي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مون پهريائين امير گيلاني جي معصوميت ۽ خوبصورتي محسوس ڪئي،جڏهن مون سندس شخصيت کي ويجهڙائي کان ڏٺو ته پتو پيو ته هو نرم مزاج، مهذب ۽ هر معاملي ۾ ساٿ ڏيڻ وارو آهي.جنهن بعد مون دعا گهري ته امير ئي منهنجو جيون ساٿي هجي. هن چيو ته امير گيلاني به مون کي پسند ڪندو هو پر اسان مان ڪنهن به پنهنجن جذبن جو سڌي ريت اظهار نه ڪيو، اسان جي محبت واري ڪهاڻي ۾ اهم ڪردار امير گيلاني جي ماءُ جو رهيو، جنهن مونکي مُنڊي پارائي.