اميگريشن پاليسي: ٽرمپ خلاف مظاهرا

جُون 12, 2025

واشنگٽن(پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اميگريشن پاليسين خلاف ڪيليفورنيا ۾ شروع ٿيندڙ احتجاج جو سلسلو آمريڪا جي مختلف رياستن تائين پکڙجي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب بالٽيمور، نيويارڪ، اٽلانٽا ۽ شڪاگو سميت مختلف شهرن ۾ اميگريشن عملدارن خلاف احتجاج پڻ ڪيا ويا.

رپورٽ موجب نيويارڪ ۾ 2500 کان وڌيڪ ماڻهن مظاهرو ڪيو، جنهن کانپوءِ پوليس ڪريڪ ڊائون ڪيو ۽ 83 مظاهرين کي گرفتار ڪيو.

فرانسسڪو ۾ 150، شڪاگو ۾ 17 ۽ ڏکڻ ڪيليفورنيا ۾ 330 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو.

ٻئي طرف حڪومت فوج کي لاس اينجلس ۾ شهرين کي حراست ۾ وٺڻ جو اختيار ڏنو آهي.

ياد رهي ته لاس اينجلس شهر ۾ غير قانوني ترسيل پرڏيهين خلاف ڇاپن جي ڪري احتجاج شروع ٿيا هئا ۽ مظاهرين جو اميگريشن عملدارن ۽ پوليس سان چڪريون به ٿيون هيون.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين سخت بيمار، لنڊن جي اسپتال ۾ داخل

  • پريالوءِ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان قتل

  • جهڏو: لاڪ اپ مان فرار جوابدار ڪراچي مان گرفتار

  • نيب جوڪنڌڪوٽ ۾ڇاپو، خوراڪ کاتي جي عملدارن کان جاچ