| امپائر جي فيصلي تي اعتراض: فخر زمان تي ڏنڊ |
دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي پاڪستاني بيٽر فخر زمان تي ڏنڊ لڳائي ڇڏيو. آءِ سي سي سريلنڪا خلاف تازو ٽه ملڪي سيريز جي فائنل دوران ظابطن جي ڀڃڪڙي تي فخر زمان تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو. فخر زمان آرٽيڪل 2.8 جي ڀڃڪڙي ڪئي، جيڪا عالمي ميچ دوران امپائر جي فيصلي تي سخت ردعمل يا احتجاج بابت آهي. فخر زمان کي هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ به ڏني وئي آهي. واضح رهي ته ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ پاڪستان جي اننگز جي 19 هين اوور ۾ فخر زمان آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ امپائرن جي فيصلي تي بحث ڪندي نظر آيو هو.