امڙ هيما مالني مونکي اڀيشڪ سان پرڻائڻ پي چاهيو : ايشا ديول

امڙ هيما مالني مونکي اڀيشڪ سان پرڻائڻ پي چاهيو : ايشا ديول

 ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي جوڙي ڌرميندر۽ هيما مالني جي لاڏلي ڪڪي ايشا ديول انڪشاف ڪيو آهي ته امڙ هيما مالني بگ بي اميتاڀ بچن جي اڪيلي پٽ اڀيشڪ بچن سان سندس شادي ڪرائڻ جي خواهشمند هئي، بالي ووڊ جي ڊائريڪٽر ڪرن جوهر  کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته منهنجي ماءُ چاهيندي هئي ته آئون هڪ سٺي ماڻهو سان شادي ڪريان، امڙ سوچيو ته اڀيشڪ منهنجي لاءِ بهترين آهي پر مون اڀيشڪ سان شادي  ڪرڻ نه پي چاهي ، ڇاڪاڻ ته اڀيشڪ منهنجي لاءِ وڏي ڀاءُ وانگر هو، انهي ڪري مون پنهنجي ماءُ کان معافي ورتي. ڪرن ايشا کان پڇيو ته هيما مالني توهان  سامهون وويڪ اوبراءِ جو نالو به تجويز ڪيو هو ؟ جنهن تي ايشا چيو ته وويڪ جو نالو ڪڏهن به بحث هيٺ نه آ يو، ياد رهي ته ايشا ديول 2012 ۾ ڀرت تختاني سان شادي ڪئي هئي، جوڙي جي پهرين ڌيءَ 2017  ۽ ٻي ڌيءَ 2019 ۾ پيدا ٿي، 2024 ۾ ايشا ديول ۽ ڀرت تختاني 12 سالن جي شادي کانپوءِ الڳ ٿي ويا.