| امڙ چوندي هئي سٺا ڏينهن ايندا؟ ڊيبيو ميڪر لڙڪ هاري ويٺو |
ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو اوپننگ بيٽسمين معاذ صداقت بنگلاديش خلاف پنهنجي ڊيبيو تي پنهنجي ماءُ جو ذڪر ڪندي جذباتي ٿي ويو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاران جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ معاذ صداقت چيو ته مشڪل حالتن ۾ سندس ماءُ چيو هو ته اسان جا سٺا ڏينهن ايندا ۽ اڄ منهنجو سٺو ڏينهن آهي.هن چيو ته خاندان ۾ هر ڪو تمام گهڻو سهڪار ڪندو آهي، شاهين آفريدي فون ڪري مون کي چيو ته هن کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي،پاڪستان ون ڊي ٽيم ۾ ڊيبيو ڪندڙ شميل حسين چيو ته جڏهن منهنجو نالو ٽيم ۾ آيو ته اهو هڪ خواب وانگر محسوس ٿيو، اهو قبول ڪرڻ ۾ هڪ پورو ڏينهن لڳي ويو ته منهنجو نالو ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.