ميھڙ (ن پ ا) پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برھان چانڊيو اختيار چانڊيو جي دعوت تي ميھڙ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان مٿان قتل جا ڪوڙا الزام لڳايا ويا آھن .
هن چيو ته روز نوان ڊراما ڪيا پيا وڃن، اھي بند ٿيڻ کپن.
سردار چانڊيو چيو ته ميھڙ اسان جو گھر آھي، پنھنجي شھر اچڻ ۽ جلسا ڪرڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگھي، ڊڄڻ ۽ ڀڄڻ وارن مان ناهيون.
ھن چيو ته جيڪي تمندار ۽ سردار آھن اھي ئي رھندا ھٿ ٺوڪين تمندارن کي ڪير به نه ٿو مڃي.
ٻئي طرف ام رباب چانڊيو جو چوڻ ھو ته ڪورٽ ۾ اسان جي ڪيس ۾ بيان رڪارڊ ٿي رھيا آھن، اهڙي صورتحال ۾ سردارن جو ميھڙ اچي جلسو ڪرڻ اسان جي شاھدن ۽ گواھن کي ڌمڪائڻ ۽ ڊيڄارڻ برابر آھي.