دادو(رپورٽر) سردار چانڊيو پرڏيهه هليو ويو، ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اڄ وري ملتوي ٿي وئي، ام رباب مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن
ام رباب چانڊيو جي والد سميت 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ دادو ۾ ٻڌڻي ٿي، ام رباب چانڊيو فريادي، شاهدن ۽ وڪيل سميت عدالت ۾ پهتي، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا
ٻڌڻي دوران سردار چانڊيو اڄ به پيش نه ٿيو، وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته سردار چانڊيو علاج لاءِ پرڏيهه ويل آهي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي پهرين سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي
ٻئي طرف ام رباب چيو ته سردار چانڊيو لاڳيتو ٽن ٻڌڻين تي پيش نه ٿيو آهي، سردار عدالتن مان ڀڄي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيان ٿي ته جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن
سندس چوڻ هو ته اسان 6 سالن کان انصاف لاءِ عدالت اچون ٿا پر 3 حاضرين دوران جوابدار سردار احمد چانڊيو عدالت ۾ پيش نه پيو ٿئي
ام رباب چيو ته سردار چانڊيو وارا ڏسن ٿا ته ڪيس هلي پيو ، شاهد جو بيان به ٿيو آهي ته هاڻي هو ڪيس کان ڀڄي رهيا آهن ، وڪيل جي خاطري باوجود سردار احمد چانڊيو جو وڪيل به ناهي آيو
هن چيو ته جوابدار سوڙها ٿيا ان ڪري ڀڄڻ چاهين ٿا، سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪريون ٿا ته جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن