| ام رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل جو ڪيس آخري مرحلي ۾ |
دادو (رپورٽر) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين، ڏاڏي، چاچي ۽ والد جي قتل ڪيس ۾ ماڊل ڪرمنل ٽرائل عدالت دادو ۾ فائنل آرگيومينٽ جاري رهيا عدالت ايندڙ ٻڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي بعد ام رباب چانڊيو ٻڌايو ته سندس وڪيل اڄ به عدالت آڏو تفصيلي دليل پيش ڪيا آهن ۽ هڪ هڪ پوائنٽ تي قانوني شاهدين جي بنياد تي آرگيومينٽ ڪئي وئي آهي. ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته سموري سنڌ ان حقيقت کان واقف آهي ته سردار قتل ۾ ملوث رهيا آهن، جڏهن ته هوءَ عدالت کان مڪمل اميد رکي ٿي ته قاتلن کي قانون موجب سخت سزائون ملنديون ۽ اهڙو فيصلو مثال بڻجندو. هن چيو ته 17 جنوري تي سندس ڏاڏي، چاچي ۽ والد جي ورسي آهي، ۽ اميد آهي ته بيگناه گهر ڀاتين جي وهايل رت سان انصاف ٿيندو ام رباب وڌيڪ چيو ته انصاف ۾ دير سبب مظلوم ٿڪجي ٿا پون، پر هوءَ همت سان بيٺي آهي ۽ انصاف جي اميد تي قائم آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن اسان قانون ۽ ثابتيون پيش ڪريون ٿا ته سامهون ڌر مايوس نظر اچي ٿي، جڏهن ته اسان طرفان ڏنل سموريون شاهديون مڪمل ۽ مضبوط آهن، جيڪي ڏوهارين کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن ٻئي پاسي ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم پي اي سردار خان چانڊيو به عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو اهڙن سوالن کي نٿو سمجهي سگهي، ڇاڪاڻ ته نه سندس اختيار ۾ ڪجهه آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي جي اختيار ۾، سڀ اختيار جج صاحبان جا آهن. هن چيو ته هو انشاءَالله سئو فيصد پر اميد آهي ته هو سرخرو ٿي نڪرندا، ۽ جيڪڏهن هو ڪوڙا هجن ها ته لڪندا وتن ها واضح رهي ته ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس کي سنڌ جي هڪ اهم ۽ حساس ڪيس طور ڏٺو پيو وڃي، جنهن تي سڄي سنڌ جي عوام جي نظر آهي. عدالت ۾ جاري فائنل آرگيومينٽ کان پوءِ فيصلي بابت اميد ڪئي پئي وڃي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪيس جو رخ واضح ٿي ويندو.