| ام رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي |
دادو(رپورٽر) ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين، ڏاڏي، چاچي ۽ والد جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران الزام ھيٺ آيل پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو، برھان خان چانڊيو، اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو وارا عدالت ۾ پيش نه ٿيا، جن جي غير حاضري سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪندي لاڳاپيل ڌرين کي ايندڙ تاريخ تي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.