| ام رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ حتمي دليل |
دادو (رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي اهم ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ڪيس آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو، فريادي ڌر جي وڪيل پاران حتمي دليل جاري رهيا. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيس جي پيروي ڪندڙ ام رباب چانڊيو چيو ته هي ڪيس صرف سندس گهر تائين محدود ناهي، پر هي هر ان مظلوم جو ڪيس آهي، جنهن تي بااثر جاگيردارن ظلم ڪيا آهن. هن چيو ته سندس گهر جا ٽي ڀاتي قتل ٿي چڪا آهن، جنازا ڪڍيا ويا، ان باوجود هو آئين ۽ قانون تي مڪمل يقين رکن ٿا ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته هو ڪيترن ئي سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، جيئن اهو ثابت ڪري سگهجي ته عدالتون مظلومن جو آواز آهن. هن چيو ته ڪيس هاڻي آخري مرحلي ۾ آهي، وڪيلن پاران فائنل دليل ڏنا پيا وڃن ۽ سڀاڻي جي تاريخ مليل آهي، اميد آهي ته جلد فيصلو ايندو ام رباب چانڊيو موجب عدالت پاران ڪيس جي جلد کان جلد حاضري رکڻ جو مقصد به اهو آهي ته ڪيس جي آخري مرحلي کي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪيو وڃي. ٻئي پاسي جوابدار ڌر ايم پي اي سردار خان چانڊيو به عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فريادي ڌر جي وڪيلن جون فائنل ڪمينٽس سڀاڻي مڪمل ٿينديون ۽ ڪيس جو فيصلو جج ڪندو. هن چيو ته شاهديون سڀني جون مضبوط آهن، فيصلو ڪرڻ وارو جج آهي، هو پاڻ فتويٰ نه ڏيندا. سردار چانڊيو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته تمندارن جي ڪائونسل ڪير پيو ٺاهي، انهن مان ته هڪ شخص سندن سان گڏ بيٺو آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جيڪي الزام هڻي رهي آهي، انهن کي گهرجي ته کين شاهد طور عدالت ۾ پيش ڪن ۽ ثابت ڪن ته ڪنهن کي ڪهڙيون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن ايم پي اي سردار خان چانڊيو چيو ته فريادين جو ڊرامو کٽڻ وارو ناهي، آخرڪار فيصلي جو ڏينهن ضرور ايندو، جنهن جو سڀني کي انتظار آهي عدالت ۾ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي اڄ ٿيندي، جتي فائنل آرگيومينٽس مڪمل ٿيڻ کانپوءِ امڪان آهي ته فيصلو محفوظ ڪيو وڃي.