| ام رباب جي ڀاتين جو قتل: جوابدارن جا فائنل ڪمينٽس، موت سزا ملندي: فريادڻ |
دادو (رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي اهم ٻڌڻي لڳ ڀڳ 7 ڪلاڪ جاري رهي جنهن ۾ ٻه ڀيرا نماز جو وقفو ڪيو ويو، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 جنوري 2026 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عدالتي ٻڌڻي دوران جوابدار ڌر جي وڪيلن پاران پنهنجا فائنل ڪمينٽس مڪمل ڪيا ويا، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فريادي ڌر جي ڪيس جي پيروي ڪندڙ ام رباب چانڊيو چيو ته ڪيس هن وقت انتهائي اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جتي هاڻي سندن ڌر جا فائنل آرگيو رهن ٿا. هن چيو ته ايندڙ حاضري تي سندن وڪيل مڪمل دليل پيش ڪندا ۽ ڪوشش آهي ته جلد فائنل ڪمينٽس مڪمل ڪري ڪيس کي فيصلي طرف آندو وڃي.ام رباب چانڊيو چيو ته ايندڙ جنوري مهيني ۾ هن ڪيس کي ٽرائل ۾ 8 سال مڪمل ٿي ويندا. هن چيو ته لڳاتار حوصلو، همت ۽ صبر سان ڪيس وڙهندا رهيا آهيون ۽ آخري حد تائين وڙهنداسين، پر اسان کي پورو يقين آهي ته سردارن کي ڦاسي جي ڦندي تائين پهچايو ويندو . ٻئي طرف جوابدار ڄاڻايل ڌر جي ايم پي اي سردار خان چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس جا فائنل ڪمينٽس هلي رهيا هئا. هن چيو ته اسان جي خواهش هئي ته اڄ ئي ڪيس کان ڇوٽڪارو ملي، پر جج صاحب وڌيڪ تاريخ ڏئي ڇڏي سردار خان چانڊيو چيو ته اسان کي ٻي سال جي ٻي تاريخ ملي آهي، جنهن تي عدالت فريادي ڌر جا دليل ٻڌندي.